12 ڪارڪن مارجڻ جي تصديق، ٻه سئو ڪارڪن گم آهن: عمر ايوب

پشاور( م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته اسلام آباد احتجاج ۾ 12 ماڻهن  جي شهادت جي تصديق ٿي آهي. پشاور ۾ اسد قيصر، عمر ايوب، شيخ وقاص اڪرم ۽ ٻين اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪئي. ٻئي طرف عمر ايوب چيو ته اسلام آباد احتجاج ۾ 12 ماڻهن جي شهادت جي تصديق ٿي چڪي آهي ۽ اسان جا 200 کان وڌيڪ ڪارڪن گم آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي 5 هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. عمر ايوب جو چوڻ هو ته باني پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي آهي، جنهن به ڪميٽي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻي هوندي اها ئي ڪندو.  هن مطالبو ڪيو ته اسان جي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي، 9 مئي جي واقعن جي عدالتي انڪوائري ۽ 24 نومبر تي گوليون هلائڻ جي به جاچ ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.