عمران جي آزادي بابت بئريسٽر گوهر عليمه خان جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر پي ٽي آءِ باني عمران خان جي آزادي بابت  سندس ڀيڻ عليمه خان جي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو. نجي چينل سان ڳالهين دوران تحريڪ انصاف جي چيئرمين کان سوال ڪيو ويو ته عليمه خان حڪومت سان اوهان جي ڳالهين جو ذڪر ڪيو آهي؟  جواب ۾ بيرسٽر گوهر چيو ته منهنجو 24 نومبر يا انهي کان اڳ حڪومت سان ڪنهن به قسم جو رابطو نه ٿيو آهي. پارٽي چيئرمين چيو ته حڪومت سان پي ٽي آءِ باني جي ملاقات ڪرائڻ بابت ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي. بيرسٽر گوهر کان سوال ڪيو ويو ته عليمه خان چيو آهي ته اوهان پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرڻ جي لاءِ وقت به ٻڌايو؟ جواب ۾ بيرسٽر گوهر جواب ڏنو ته مون ته عمران خان جي آزادي بابت ڪنهن به ڳالهه جو ذڪر نه ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ڪڏهن به پي ٽي آءِ باني کي 20 ڏينهن ۾ آزاد ڪرڻ جو واعدو ناهي ڪيو، ڌرڻو ختم ڪرڻ جي بدلي پي ٽي آءِ باني کي 20 ڏينهن ۾ آزاد ڪرڻ جون ڳالهيون غلط آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.