خانپورمهر (رپورٽ: ميهر مهر ) خانپورمهر ٿاڻي جي حد ڀاڳسر واري علائقي ۾ نامعلوم جوابدارن حملو ڪري اڪيلو گهر اڏي ويٺل گهر ڌڻي مولابخش مهر کي لٺيون ۽ ڪهاڙيون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سندس گهر واري مائي تاجان مهر حملي ۾ زخمي ٿي پئي آهي،عورت جي دانهن تي پاڙيوارن ۽ علائقي واسين پهچي زخمي عورت کي کڻائي خانپورمهر اسپتال پهچايو جتي عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن مقتول جو لاش پنجن ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيو جنهن بعد وارث مقتول جو لاش ايمبولينس ذريعي تعلقي اسپتال کڻائي آيا، جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،، هوڏانهن اسپتال ٻاهران واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري مقتول جي وارثن ڀاءُ سلطان مهر، امير بخش مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رات دير نامعلوم جوابدارن گهر ۾ داخل ٿي مولا بخش مهر کي لٺين ۽ ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته سندس گهرواري کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، جوابدارن جي ڳولا ڪري کين گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.