اسلام آباد(م ڊ) وزير اعظم شهباز شريف. پارٽي سربراهه ميان نواز شريف سان جاتي امرا ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پارٽي ذريعن موجب نواز شريف وزيراعظم کي ملڪ جي معاشي صورتحال ۾ بهتري خاص طور تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نوان رڪارڊ ٺاهڻ تي مبارڪباد ڏني، جڏهن ته وزيراعظم نواز شريف کي ايس آءِ ايف سي جي حوالي سان پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ 26 نومبر جي واقعن ۽ سول نافرمانيءَ جي امڪاني ڪال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پارٽي ذريعن موجب نواز شريف ۽ وزيراعظم وچ ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ملڪ جي سلامتي ۽ قومي اتحاد کي نقصان پهچائڻ وارن جو احتساب ڪيو ويندو ۽ ڪنهن کي به ملڪي ترقي ۾ رنڊڪ وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. پارٽي ذريعن جو چوڻ هو ته نواز شريف وزيراعظم کي هدايت ڪئي ته مدرسا بل تي مولانا فضل الرحمان جا تحفظات ختم ڪيا وڃن. وزيراعظم چيو ته مدرسا بل تي مولانا فضل الرحمان کي به اعتماد ۾ ورتو ويندو. ٻنهي اڳواڻن ملڪي معاملن تي اتحادين کي صلاح مشوري ۽ اعتماد ۾ وٺڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سعودي عرب سميت ٻين ملڪن جي دلچسپي کان به آگاهه ڪيو. نواز شريف ۽ وزيراعظم پاڪ فوج ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.