مظلوم قومن جي حقن تي ڌاڙا لڳن پيا، جبر انتها تي آهي: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) کاٻي ڌر جي اڳواڻن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن چيو آهي ته اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ڊاڪٽر نياز سومرو جو سنڌ جي شاگرد تحريڪ جي انمول ڪردارن ۾ شمار ٿئي ٿو, جنهن ضياء جي ڪاري دور ۾ ڦٽڪا کاڌا پر نه جهڪيو نه وڪيو, هو ارڏو ڪردار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي جي آفيس ۾ ڊاڪٽر نياز سومرو جي دوستن پاران سندس ڇهين ورسي جي موقعي تي ڪوٺايل ويهڪ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو, ترقي پسند ليکڪ ڊاڪٽر حميد سومري، جهوني هاري اڳواڻ واحد بخش بنگلاڻي، سارنگ ڄام، راهول، قيمت مل، صحافي عبداش پنهور ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر نياز سومرو قربانيون ڏيڻ وارو بھادر ساٿي ھو. هو ظلم ۽ جبر، جيل ۽ اذيتون برداشت ڪرڻ وارو سچو سياسي ڪارڪن ھو. هنن چيو ته ڊاڪٽر نياز سومري ۾ حيدرآباد شھر جو روح روان رھيو. هن ڪامريڊ ساٿين سان شامون ملھايون، خاص طور ڪامريڊ ڄام ساقي جي مان ۾ لڳاتار پروگرام منعقد ڪرايا هن وقت ڦرلٽ ۽ جبر پنهنجي انتها تي پهچي چڪو آهي, هاري ۽ پورهيت ظلم جو شڪار آهن, مظلوم قومن جي حقن تي ڌاڙا لڳن پيا, صورتحال انتهائي گهڻي خراب ٿيل آهي. ڊاڪٽر نياز سومري جي اها خواهش هئي ته سمورا پراڻا سياسي ساٿي گڏجي ڪنهن نه ڪنهن پليٽ فارم ۽ فورم تان مظلوم طبقن جي حقن واري جدوجهد ۾ ڀرپور نموني سان شامل ٿيندا رهون. ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز سومرو جي تصوير آڏو ميڻ بتيون ٻاري گل رکي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.