راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان ٻه مطالبا پيش ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت مطالبا نه مڃيا ته ايندڙ جمعي تي سول نافرماني جو سڏ ڏنو ويندو، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ججن جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي، جيڪا 9 مئي ۽ 26 نومبر جي سانحن جي جاچ ڪري، سياسي قيدي آزاد ڪريو، 5 رڪني ڪميٽي حڪومت سان ٻن اهم معاملن تي ڳالهيون ڪندي، جيڪڏهن حڪومت سان ڳالهيون ناڪام ٿيون ته 14 ڊسمبر تي سول نافرماني تحريڪ شروع ڪنداسين، هن دعويٰ ڪئي ته پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ڪارڪن اڃا تائين گم آهن ۽ سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تي اسان سپريم ڪورٽ، لاهور ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو پر ڪو به عمل نه ٿيو، ٻي پاسي اڊيالا جيل ۾ عمران خان خلاف ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي ڳالهائيندي عليما خان چيو ته عمران خان ٻه مطالبا ڪيا آهن، جناح ايونيو آپريشن ۾ 150 ماڻهو گم آهن، گرفتار سمورن ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي، جيڪڏهن جمعي تائين مطالبا نه مڃيا ويا ته ڪال اوورسيز پاڪستانين ڏانهن ويندي، پهرين اوورسيز پاڪستانين کي اپيل ڪئي ويندي ته اهي پئسا نه موڪلين، جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ڳالهين جي آڇ ڪندي ته اسان جي ڪميٽي انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي، هڪ سوال تي عليما خان چيو ته جڏهن ڏکيو وقت ايندو ته گهرو وزير محسن نقوي ملڪ مان ڀڄي ويندو.