هلندڙ سال 25-2024 جي ترقياتي ڪمن جو تسلسل برقرار رکيو وڃي: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر )سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سالياني ترقياتي پروگرام 26-2025ع جي تياري لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن ته جيئن ٻوڏ متاثرين جي بحالي، سياسي ۽ معاشي ترقي تي ڌيان ڏيندي حڪومت جي وسيع ايجنڊا موجب صوبي جي ترقي لاءِ اسٽريٽجڪ پلان جوڙيو وڃي. وڏي وزير ۽ منصوبابندي ۽ واپار واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ايندڙ سالياني ترقياتي پروگرام جي تيارين بابت هدايتون جاري ڪيون آهن. وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته هلندڙ سال 25-2024 جي ترقياتي ڪمن جو تسلسل برقرار رکيو وڃي ۽ ايندڙ سال جي پلاننگ دوران 2022 جي مهاٻوڏ سبب متاثر ٿيل انفرااسٽرڪچر جي بحاليءَ جهڙن اهم معاملن تي ڌيان ڏنو وڃي. هن سمورن کاتن کي هدايت ڪئي ته اهي لاڳاپيل شعبن جي ترجيحن مطابق منصوبابندي ڪن جن ۾ پائيدار ترقي جا هدف ۽ مضبوط انفراسٽرڪچر، بهتر صحت، تعليم، زراعت ۽ آبپاشي شامل آهن. وڏي وزير چيو ته رٿابندي ۾ زميني حقيقتن خاص طور تي ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ غريب طبقن تي مهانگائي جو بار گهٽائڻ کي نظر ۾ رکيو وڃي. هن سمورن کاتن کي حوصلا افزائي ڪئي ته اهي تجويزن ۾ سماجي ۽ اقتصادي مقصدن کي شامل ڪن. وڏي وزير جي هدايتن موجب سمورن کاتن کي 31 مارچ 2025 تائين نون منصوبن جي منظوري جو عمل مڪمل ڪرڻو آهي ته جيئن سالياني ترقياتي پروگرام وقت تي مڪمل ٿي سگهن.

  1. سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران اڳوڻي صدر عارف علوي جي پٽ جي حفاظتي ضمانت منظور

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ جي سنگل بئنچ تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ اڳوڻو صدرعارف  علوي جي پٽ عواب علوي جي حفاظتي ضمانت 40هزار جي عيوض 20ڏنيهن جي لاءِ منظور ڪئي آهي گرفتاري کان پجن جي لاءِ سنڌهاءِڪورٽ کان رجوع ڪيو .

  1. سنڌ حڪومت پاران گئس لوڊشيڊنگ وارو معاملو وفاق آڏو اٿارڻ جو فيصلو

ڪراچي ( رپورٽر)  سنڌ حڪومت گئس لوڊشيڊنگ  جو معاملو وفاقي حڪومت آڏو اٿارڻ جو فيصلو ڪري ورتو،  سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر شاهه گئس لوڊشيڊنگ ۽ گهٽ پريشر جو نوٽيس وٺندي توانائي واري سيڪريٽري کي وفاق کي خط لکڻ جي هدايت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ اهو صوبو آهي جيڪو سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪري ٿو، سردي جي موسم شروع ٿيندي ئي گئس جي لوڊشيڊنگ شروع ٿي وئي آهي، ٻارڙا گئس نه هجڻ سبب بنا ناشتي جي اسڪول وڃڻ تي مجبور آهن. ناصر شاهه چيو ته آرٽيڪل 158 تحت گئس جي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي، جيڪو صوبو سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪري ٿو ان جو پهريون حق آهي، اوگرا ۾ سنڌ کي نمائندگي ڏني وڃي، صدر ۽ وزيراعظم گئس جي فراهمي بند ڪرڻ جو فوري نوٽيس وٺن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.