"امان! الله جي نالي پنهنجي ٻچڙن جو صدقو ڏي”، "ڳاڙهي ڪنوار ملندءِ، فقير کي ڏھ رپيا ڏي،” "الله سفر آسان ڪري خيرات ڏي”، "الله مديني پاڪ جي زيارت ڪرائي”، اوهان پنهنجي گاڏي ۾ يا پيدل سنڌ جي ڪنهن به وڏي ننڍي شهر جي ڪنهن چوڪ تي ٻه منٽ ڪنهن ڪم سانگي، بيھو يا ڪا خريداري ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، ته هڪ ئي وقت مٿيان جملا ڳالھائيندي پينو فقير توهان کي گهيري ويندا، جن ۾ ٻار، جوان مرد جوان عورتون، پوڙها مرد يا پيرسن عورتون شامل هونديون آهن، اهڙي صورتحال ۾ ماڻھو کي اڪثر اھو به وسري ويندو آهي ته آئون هتي ڇو بيٺس، يا مون کي ڇا خريد ڪرڻو آهي. ڪو دور ھو جو ماڻهو ڀلي ڪيتري به غربت ۾ گذاريندا هئا، پر هو پنڻ کي عيب سمجهندا هئا، مرد مختلف پورهيو ڪندا هئا، عورتون رليون، سوڙيون سبڻ، ڀرت ڀرڻ جي ڪم يا کجي جي پنن مان ڇٻيون، پڻڇ، توريون، ٻهارا ٺاهينديون هيون، جيڪي گهرن ۾ عورتون ۽ ٻاهر مرد وڪڻندا هئا، هاڻي ته لڳي ٿو پنڻ پيشو بڻجي ويو آهي، محنت مزدوري کي ماڻهو عيب سمجهن ٿا.
حڪومت توڙي سماجي ادارا جتي ٻار جي پورهئي ڪرڻ تي پاڪستان جي قانون مطابق جرم قرار ڏيندي اعلان ڪندا وتندا آهن، اتي ڇا پينو ٻارڙن لاءِ اهو قانون نه آهي؟ پينو ٻارن کي روڊن، رستن، بازارن ۾ پنڻ بجاءِ اسڪول ۾ هجڻ گهرجي ھا پر صورتحال ان جي ابتڙ آھي. نوجوان ڇوڪريون جڏهن بسن جي اڏن يا بازار ۾ پننديون آهن تڏهن هو نه صرف مرد جي حوس جي نگاهن جو شڪار ٿيندو آهن، پر مردن جي غليظ جملن جو شڪار پڻ ٿينديون آهن، جنهن سان نه صرف انساني قدرن جي پائمالي ٿئي ٿي، پر سماج جون اخلاقي قدر پڻ متاثر ٿين ٿا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سماج هڪ گندي روش ڏانهن به وڃي رهيو آهي. پينو فقيرن جي وڌندڙ انگ کي صرف بيروزگاري به نه سمجهڻ گهرجي، ڇو ته بيروزگاري جو مسئلو گهڻو تڻو، پڙهيل لکيل نوجوانن جو آهي، جيڪي پڙهي لکي محنت مزدوري کي عار ٿا سمجهن، جيڪو پڻ هڪ غلط عمل آهي، پر سنڌ ۾ پينو فقيرن جو وڏو تعداد تعليم کان محروم آهي، جيڪي ڪو هنر، ڌنڌو ڌاڙي يا مزدوري ڪرڻ جهڙي محنت کان نٽائين ٿا، ان ڪري هنن پنڻ کي پيشو بڻائي ڇڏيو آهي، معذور شخص جيڪو مزدوري ڪرڻ جي سگهه نٿو رکي، اهو مجبوري ۾ پني ٿو، پر هتي ٿلھا متارا ، صحتمند نوجوان هٿ ٽنگيو بيٺا نظر ايندا آھن.
ڪجهه سال پھريان، ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ ٻين شهرن مان پينو فقير گرفتار ڪيا ويا هئا جن ۾ مرد، عورتون، ٻار شامل هئا، ان وقت اهو چيو ويو هو ته پينو فقير مختلف جرمن ۾ ملوث آهن، جهڙوڪ ٻارڙن جو اغوا ڪري انهن کي پنائڻ، يا بازارن ۾ ماڻهن جا کيسا ڪٽڻ، منشيات فروشي ۽ ٻين مختلف غير قانوني ڪمن ۾ ملوث ڄاڻايا ويا هئا، پر اسين سمجهو ٿا ته حڪومت جو اهو قدم به غير انساني سلوڪ ۾ شمار ٿئي ٿو، پينو فقيرن لاءِ ڪي جامع پاليسون ٺاهيو وڃن پينو فقيرن لاءِ مرڪز قائم ڪيا وڃن، جتي هنن کي مختلف هنر سيکاريا وڃن، ٻارڙن کي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم ڏياري وڃي، هنرمند فقيرن کي روزگار سان لڳايو وڃي، ته جيئن عام ماڻهو لاءِ آزار بڻجندڙ پينو فقيرن کي سڌي ۽ عزت واري راھ تي آندو وڃي جيڪي هر پڪنڪ پوانٽ، هوٽل، دڪان، بس اسٽاپ، تي ماڻهن کي گهيري وڃن ٿا، نه صرف هتان جي ماڻهن لاءِ پريشاني جو سبب آهن پر، ٻاهر جي ملڪن کان ايندڙ سياحن جي لاءِ به پريشاني جو سبب بڻجڻ ٿا، اسان جو الميو اهو آهي، ته سنگين جرم ۾ ملوث ماڻهن لاءِ به ڪي موثر قانوني قدم نه کنيا ويندا آهن، پر هنن پينو فقيرن ۾ ڪيترائي مختلف جرمن ۾ شامل هوندا آهن، حڪومت ۽ مختلف انساني ڀلائي جي ادارن کي، پينو فقيرن جي گهٽتائي لاءِ موثر قدم کڻڻ گهرجن،