وچ اوڀر  جي صورتحال : شام ۾تيزي سان  اڀرندڙ بغاوت ۽ عالمي مفاد

وچ اوڀر ۾  اسرائيل ۽ حماس ۾ جاري جنگ ختم ٿيندي نظر نھ پئي اچي. ان وچ ۾ خطي جي اھم ملڪ شام ۾ باغين ھڪ وڌيڪ شھر جو ڪنٽرول سنڀالي ۽ ٽئين شھر ڏانھن وڌڻ شروع ڪيو آھي. ھڪ ڏھاڪي کان بھ وڌيڪ عرصي کان گھرو ويڙھ جو شڪار شام ۾ مڪمل ٺاپر تھ نھ ٿي ھئي، پر ڪجهه ڏينھن کان شام ۾ مسلسل باغين کي ملندڙ سرسي کي عالمي ميڊيا ۾ خاص جاءِ  ڏني پئي وڃي.

ويڙھاڪ تنظيم ھئيت تحرير الشام ( ايڇ ٽي ايس) جي اڳواڻ  ابو محمد الجولاني، اعلان ڪيو آھي تھ ھنن حما شھر تي قبضو ڪري ورتو آھي. سندس چوڻ ھو تھ ھو بدلو نھ چڪائيندا.دنيا جي ماھر ۽ تجزيھ نگارن شام ۾ باغين جي ڪاميابي کي صدر بشارت الاسد، روس ۽ ايران جي لاءِ ھڪ ڌڪ  قرار ڏنو آھي.ان کان اڳ  ايڇ ٽي ايس ويڙهاڪن حما شھر  جي مکيه جيل مان  قيدين کي ڇڏائي ورتو.حماس جي آبادي 10 لک آھي ۽ حلب شھر کان 110 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ واقع آهي. ياد رهي ته گذريل هفتي باغين  اوچتي حملي کانپوءِ حلب شھر تي قبضو ڪيو .

ماضي ۾ صدر اسد مدد لاءِ روس ۽ ايران تي ڀاڙيندو رھيو آھي. پر ھن وقت اھي ٻئي  اتحادي پاڻ پنھنجن تڪرارن ۾ ڦاٿل آھن.شام جي صدر بشار الاسد  خلاف هڪ پرامن بغاوت 2011 ۾ شروع ٿي جنھن بعد اھا مڪمل گهرو ويڙهه ۾ تبديل ٿي وئي.جنھن دوران 5 لک ماڻھو مارجي ويا ھئا، ان دوران  روس ۽ آمريڪا جي مداخلت ان کي  ’پراڪسي وار‘ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.

اڄ شام چئن مختلف حصن ۾ ورهايل آهي، جنهن تي يا ته بشار الاسد جي حڪومت آهي يا مختلف نظرين ۽ وفادارين سان گڏ خود ساخته هٿياربند گروپن جو قبضو آھي.شروع ۾ بشارت حڪومت کان باغين وڏو حصو ڦري ورتو ھو.جنھن بعد  شام جي حڪومت 2015 ۾ روسي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ۽ حلب تي باغين جي تازي پيش قدمي کان اڳ ملڪ جي تقريبا ٻه ڀاڱي ٽي حصي تي ڪنٽرول بحال ڪيو ھو.اتر ۾شام جي سرحد ترڪي سان ملي ٿي،جتي بھ وڳوڙ آھن ۽ رياست اندر رياستون قائم ٿيل آھن.راڄڌاني دمشق جي اوڀر کان فرات نديءَ تائين، ايراني اثر رسوخ اڃا تائين موجود آهي.

ميڊيٽرينين (روم واري )  سمنڊ جي ڪناري ۽ اتان کان دمشق تائين ۽ ڏاکڻي سرزمين روس جي قبضي هيٺ آهن.حلب ۽ ان جي ڀرپاسي وارا علائقا ۽ هاڻ حما جو شهر به  ھئيت التحرير الشام فرقي جي اسلام پسند سياسي ۽ هٿياربند تنظيم جي قبضي ۾ آهي.پر رومي سمنڊ تي شام جي اھم بندرگاھ   لتاڪيھ،اڃان بھ  بشار الاسد جي ڪنٽرول ۾ آهي.ھئيت تحرير الشا، اصل ۾ نصرا فرنٽ  آھي.اھو شام ۾ القاعده جي ھڪ شاخ هئي.2016 ۾نصرا فرنٽ،القاعده سان لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.ڇو تھ مقامي باغي  القاعده جي نالي سان ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو.

جيتوڻيڪ ھئيت تحرير الشام گروپ دعويٰ  ڪري ٿو ته ان جو ڪنهن به ٻاهرين تنظيم سان واسطو ناهي، پر اھو گڏيل قومن، آمريڪا ۽ ترڪي وٽ  القاعده سان تعلق رکندڙ ۽ دهشتگرد تنظيم قرار ڏنل آھي.ھن گروپ جي حمايت ڪندڙ ڪيترائي انتھاپسند عنصر موجود آهن، جنھن ۾ترڪستان اسلامڪ پارٽي، جيڪا هڪ چيني الغوراڪثريتي جهادي گروپ آھي..ترڪي بھ پنھنجي مفادن جي لاءِ بارڊر فورس قائم ڪئي آھي.جنھن ۾ بھ مختلف سوچ رکندڙ ڌريون آھن.سيريئن نيشنل آرمي دراصل شام جي عبوري حڪومت جي نالي سان انتظامي اختيار جو حصو آهي، جڏهن ته ترڪي حڪومت ۽ فوج به خطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.هڪ ٻيو گروپ سيريئن ڊيموڪريٽڪ فورسز  آهي.ڪرد، عرب مليشيا ۽ باغي گروپن تي ٻڌل  هي اتحاد، فرات نديءَ جي اوڀر ۾ عراقي سرحد تائين ۽ اولهه ۾ منبج شهر تائين ڪنٽرول ڪري ٿو.

.ايمنسٽي انٽرنيشنل  موجب ھن وقت بھ  ساڍا 11 ھزار مرد، ساڍيون 14 ھزار عورتون ۽ 30 ھزار ٻار  قيد  آھن.نئين صورتحال ڪري ترڪي پاران يا وري آمريڪا پاران ڪنھن ممڪن آپريشن کي رد نھ ٿو ڪري سگھجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.