پھرين ڊجيٽل زراعت شماري

تحرير: عبدالصمد ٽڳڙ

زراعت جو شعبو ملڪ جي  معيشت لاءِ بنيادي ٿنڀ جي حيثيت رکي ٿو، ملڪ جي معيشت جو گھڻي قدر انحصار زراعت تي ئي آھي ڇا ڪاڻ ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آھي. زراعت جو ملڪ جي جي ڊي پي ۾ 23 سيڪڙو حصو آھي جڏھن ته 37 سيڪڙو ماڻھن جي روزگار جو ذريعو پڻ زراعت سان ئي سلهاڙيل آھي. وفاقي وزارت منصوبا بندي، ترقي ۽ خصوصي اقدام جي پاڪستان ڳڻپ کاتو (پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس) پاران ملڪ ۾ 02 ڊسمبر کان زراعت شماري جي مرحلي جي باقاعدي شروعات ڪئي وئي آهي، اھو عمل 45 ڏينھن لاءِ 15 جنوري تائين جاري رهندو. ملڪ جي آئين موجب حڪومت پاران ملڪ ۾ هر 10 سالن جي عرصي کان پوءِ آدمشماري ۽ زراعت شماري جو عمل ڪرائڻ ضروري ليکيو وڃي ٿو.

دنيا ۾ جھڙي طرح عوامي وسيلن، سھولتن ۽ آئيندي لاءِ سھولتن جي منصفاڻي ورڇ ۽ رٿا بندي لاءِ آدمشماري کي اهميت حاصل آهي، ساڳي ريت ئي خوراڪ جي کوٽ جي مسئلن جي حل ۽ جٽادار رٿا بندي لاءِ زراعت شماري کي به خاص اهميت حاصل آهي. دنيا اندر پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ وقت بوقت زراعت شماري بابت ڳاڻيٽو ڪرائڻ لازمي عمل سمجھيو وڃي ٿو. پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس (پي بي ايس) طرفان گذريل سال 2023ع ۾ منعقد ٿيل ستين آدمشماري جي طرز تي ستين زراعت شماري-2024ع کي پڻ ڊجيٽل طريقيڪار موجب انجام ڏيڻ جي باقاعدي شروعات ٿي چڪي آهي، ملڪ اندر ھاڻوڪي زراعت شماري پنھنجي نوعيت جي پھرين مربوط ڊجيٽل زراعت شماري هوندي، جنهن ۾ زرعي زمين، زرعي مشينري ۽ لائيو اسٽاڪ ٽنھي عنصرن کي گڏ هڪ ئي وقت ۾ شمار ڪيو پيو وڃي، جنھن سان وسيلن ۽ وقت ٻنھي جي بچت ٿيڻي آھي.

انھيءَ کان اڳ ملڪ ۾ زراعت سان لاڳاپيل مختلف حوالن سان شماريات الڳ الڳ ٿينديون رھيون آھن، جن ۾ 4 ڀيرا مال شماري، 5 ڀيرا زرعي مشينري شماري ۽ 9 ڀيرا موضع شماري شامل آهن. پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو زراعت شماري 1960ع ۾ منعقد ٿي ھئي، جڏهن ته ڇھين زراعت شماري 2010ع ۾ منعقد ڪئي وئي. ملڪ اندر ھن ڀيري اھو پھريون دفعو ھوندو جو ستين زراعت شماري-2024ع کي پھرين مربوط ڊجيٽل زراعت شماري طور منعقد ڪيو پيو وڃي، جنھن سان ڊيٽا جو اندراج ڊجيٽل ڊوائيس ٽيبلٽ ۽ آنلائن ايپليڪيشنز کي استعمال ۾ آڻيندي ڪيو پيو وڃي. ڊجيٽل شماري سان ڳڻپ جي بھتر تعين، معيار ۾ بھتري، ڊيٽا جي رسائي ۽ تيز رفتاري توڙي ان کي عام ڪرڻ ۾ آساني سميت ٻيا فائدا حاصل ٿيندا. ڊجيٽل زراعت شماري سان ملڪ جي آبادي جي رھڻي ڪرڻي، آمدني ۽ روزگار جي موقعن بابت مستقبل جي  رٿا بندي موثر نموني جوڙي سگهبي. ملڪ ۾ ستين زراعت شماري جي ٽاسڪ تي پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي عملي سان گڏ فيلڊ ۾ روينيو، زراعت، لائيو اسٽاڪ، ڪراپ رپورٽنگ سروس ۽ تعليم کاتن جي ملازمن کي معمور ڪيو ويو آهي. زراعت شماري جي فيلڊ سروي کان اڳ سمورن سپروائيزرس ۽ فيلڊ اسٽاف کي پي بي ايس جي ماھرن پاران گھربل تربيت مهيا ڪئي وئي آھي.

ملڪ اندر ستين زراعت شماري-2024ع جنرل شماريات ايڪٽ 2011ع جي شق 37 تحت انجام ڏني پئي وڃي، جنهن ۾ فيلڊ اسٽاف ڏنل ڳڻپ فارم موجب زراعت شماري سان لاڳاپيل مختلف پھلوئن   جنھن ۾ زرعي زمين جي ملڪيت، ٿيندڙ فصلن جا قسم، ايراضي، ميون ۽ سبزين جا قسم، چوپائي مال، پولٽري ۽ ماھيگيري، آبپاشي ۽ نيڪال، مٽي ۽ زرعي ڀاڻ سان گڏوگڏ زرعي قرضن سان لاڳاپيل ڊيٽا کي گڏ ڪندا، گھر گھر شماري جي عمل دوران مختلف زرعي مشينري ۽ اوزار جھڙوڪ ٽيوب ويل، پمپ، بلڊوزر، ھارويسٽر، ٽريڪٽر، ٽرالي، ڪلٽيويٽر، روٽاويٽر ٿريشر، چيزل پلو، پلانٽرس، اسپريئر، شيلر ۽ ٻيا اوزار پڻ شمار ڪيا ويندا، جڏھن ته سمورن پالتو جانورن جھڙوڪ  ڳئون، مينھن ٻڪرين، رڍن، اُٺن، گھوڙن، گڏھن ۽ گھريلو پالتو ڪڪڙن ۽ بدڪن کي پڻ شمار ڪيو ويندو.

سڄي  ملڪ  جيان سنڌ صوبي جي سمورن ضلعن ۾ پڻ ستين زراعت شماري جو آغاز ڪيو ويو آهي، جنھن لاءِ لاڳاپيل ضلعن جي انتظاميا سميت سيڪيورٽي لاءِ پوليس کاتي جو پڻ تعاون حاصل ڪيو ويو آهي. پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس پاران زراعت شماري جي عمل لاءِ فيلڊ اسٽاف گھربل استعمال ھيٺ ايندڙ سامان ٽئبلٽس، اسٽيشنري، فارم ۽ ٻيون ضروري سامان ساڻ ڪري ميدان ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ ۾ مصروف آهي. پي بي ايس جي آفيسرن موجب سمورن ضلعن کي زراعت شماري لاءِ اربن ۽ رورل بلاڪس ۾ ورھايو ويو آهي، جڏهن ته زراعت شماري جي عمل ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ ۽ تعليم کاتن جي ملازمن کي سپروائيزر ۽ فيلڊ اسٽاف طور ذميواريون سونپيون ويون آهن، کين باور ڪرايو ويو آهي ته ڪو به علائقو زراعت شماري کان رھڻ نہ کپي، جڏهن ته سروي جي عمل کي مڪمل  شفافيت سان انجام ڏيڻ لاءِ فيلڊ عملي کان حلف پڻ ورتو ويو آھي. پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي اعلي اختيارين پاران پيغام ڏنو ويو آهي ته زراعت شماري هڪ قومي معاملو آهي، جنهن کي بھتر طور تي انجام ڏيڻ لاءِ پوري ملڪ جي عوام کي اپيل ٿي ڪجي ته هو فيلڊ عملي سان مڪمل تعاون ڪن، ڇا ڪاڻ ته زراعت شماري جو عمل عوام جي مستقبل جي بھتري ۽ فلاح سان ئي جڙيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.