اوھانجو ووٽ اوھان جي روشن مستقبل جي ضمانت

تحرير: اعجاز علي تيوڻو

پاڪستان ۾ اڄ 7 ڊسمبر تي ووٽرن جو قومي ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي جنھن جو مقصد ووٽرن کي پنهنجي ووٽ جي طاقت،  اهميت بابت آگاهي ڏيڻ ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي  ته جئين هو پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ  چونڊن جو حصو بڻجي پنهنجو حق استعمال ڪري سگهن .

پاڪستان ۾ 7 ڊسمبر 1970ع تي هڪ شخص هڪ ووٽ جي بنياد تي پهرين جنرل اليڪشن ٿي. جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران 7 ڊسمبر کي ووٽرز جو قومي ڏھاڙي طور ملهايو پيو وڃي جڏھن ته  اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي خاص ھدايتن تي ملڪ جي سمورين ضلعي اليڪشن ڪمشنر آفيسن ۾  ماڻھن کي ووٽ جي داخلا بابت ڄاڻ مهيا ڪرڻ سان گڏوگڏ جن شھرين جا ووٽ داخل ناھن انھن جا ووٽ داخل ڪرڻ سان گڏوگڏ جيڪي شھري گذاري ويا آهن انھن جو نالو لسٽ مان خارج ڪرڻ ۽ ووٽن لسٽن جي تصديق کي يقيني بڻائي  غلطين کان پاڪ لسٽ بڻائي سگهجي.

ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن پاران پوري ملڪ جي صوبائي، ريجنل ۽ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنرن کي ھدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته ووٽر لسٽن ۾ ووٽ جي داخلا بابت عوام خاص ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ اسڪولن، ڪاليجن ۽ عوامي ھنڌن تي سيمينار ۽ آگاھي پروگرام منعقد ڪرڻ سان گڏوگڏ ووٽر لسٽن جي تصديق ڪرڻ واري ڪم جي نگراني کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻين ته جئين مقرر ڪيل وقت تائين شھرين جا ووٽ داخل ڪرڻ سميت صحيح ووٽر لسٽون جوڙي سگھجن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران ووٽن جي داخلا کي وڌائڻ لاءِ هر ضلعي ۾ ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽيون قائم ٿيل آهن جيڪي ووٽن جي رجسٽريشن کي وڌائڻ لاءِ ڪميٽي ميمبرن سان گڏجي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ نادرا جي مدد سان شهرن سان گڏ ٻهراڙي جي علائقن ۾ پڻ آگاهي ڪيمپون لڳائي ووٽن جي داخلا کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن ڇاڪاڻ ته شهر جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙين ۾ تمام گهٽ ووٽ داخل آهن انهيءَ لاءِ سماجي تنظيمن،سياسي اڳواڻن سميت هر طبقي جو ماڻهو ان ڪم ۾ اليڪشن ڪميشن سان ٻانهن ٻيلي ٿي ملڪي ترقي ۾ ووٽ جي اهميت بابت پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ جاگرتا پيدا ڪرڻ  ۽ ووٽ جي رجسٽريشن کي يقيني بڻائين ڇاڪاڻ ته ووٽ جو صحيح استعمال صوبي توڙي ملڪ جي تقدير بدلائي سگهي ٿو ۽ اھو تڏھن ممڪن ٿي سگھندو جڏھن اسان عوام کي ووٽر لسٽن ۾ پنھنجي ووٽ جي داخلا ۽  تصديق بابت ڄاڻ ڏينداسين  ۽ ووٽ جي داخلا ۾ سندن مدد ڪنداسين ته جئين  ماڻهن جا وڌ کان وڌ ووٽ داخل ڪرائي سگهجن.

عوام کي گهرجي ته هو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران قائم ڪيل ون ونڊو سينٽرن تي وڃي ڪري پنهنجا ووٽ پنهنجي مرضي مطابق مستقل يا عارضي پتي تي داخل ڪرائي هن قومي ڪاز ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو ساٿ ڏين

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ھن وقت ملڪ ۾ 13 ڪروڙ 22 لک 54 ھزار 310 ووٽر رجسٽرڊ آھن جن مان سنڌ صوبي ۾ 2 ڪروڙ 77 لک 36 ھزار 414، پنجاب ۾ 7 ڪروڙ 53 لک 753، بلوچستان ۾ 55 لک 26 ھزار 217، خيبرپختونخواهه ۾ 2 ڪروڙ  25 لک 36 ھزار 455 ۽ اسلام آباد ۾ 11 لک 54 ھزار 471 ووٽرز شامل آھن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران ووٽرن کي پنھنجي ووٽ جي داخلا بابت معلومات ڏيڻ لاءِ سروس مهيا ڪئي وئي آهي ووٽر پنھنجو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر لکي 8300 ميسيج ڪري پنھنجي ووٽ بابت معلومات حاصل ڪري سگھن ٿا.

 

اڄ 7 ڊسمبر تي پوري ۾ ملڪ ۾ ووٽرن جو قومي ڏينهن ملهائڻ ۽ عوام ۾ ووٽ جي اهميت بابت شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ پوري ملڪ جي ضلعي ۽ تعلقي هيڊڪواٽرن ۾چونڊيل نمائندن،سياسي سماجي اڳواڻ ۽ شهري ريلين ۾ شريڪ ٿي رھيا آھن  جڏهن ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران هر شهري جو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهڻ وقت سندن مستقل يا عارضي ايڊريس تي سندن مرضي مطابق ووٽ جي داخلا ڪئي پئي وڃي ته جئين کيس پريشاني کي منهن ڏيڻو  نه پئجي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.