هڪ دفعو ٻيهر توهان کي گذارش ڪري رھيو آھيان ته انٽرنيٽ جي مختلف پليٽ فارمن اسان کي پاڻ وڻائڻ ۽ ٻين جي ذلت مان لطف اندوز ٿيڻ جي علت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي،ڪڏھن ڪڏھن ان کي وساري ،عالمي سطح تي اڀرندڙ نئين گيم تي بھ نگاھ وجھڻ گھرجي. ”عالمي سطح “جو ذڪر ٿئي ٿو تھ اسان جهڙو ملڪ آمريڪا ۾ ٿيندڙ تبديلي ۾ پنهنجي بقا لاءِ ڌيان ڏيڻ تي مجبور ٿيندو آهي. اسان جي ڀڀڪين ۽ قومي غرور جي نالي رچايل ڊرامن جي باوجود اھا حقيقت پنھنجي جاءِ تي موجود آهي ته 1950ع کان وٺي اسان پنهنجي معيشت کي آمريڪا جو محتاج بڻائي رکيو آهي.
جنهن ڏهاڪي جو آئون ذڪر ڪري رهيو آهيان، ان دوران اسان جو اولين “ ديده ور“جيڪو ڪنھن ملڪ فتح ڪرڻ بنا ”فيلڊ مارشل“ سڏيو ويندو هو، پاڪستان کي آمريڪا جو اتحادي بڻائي چڪو ھو.جنهن اتحاد جو اسين حصو هئاسين ان جو حتمي مقصد ڪميونسٽ انقلاب جي مھرباني سان قائم ٿيندڙ سوويت يونين کي تباهه ڪرڻ هو.جنھن حتمي جنگ جي لاءِ فيلڊ مارشل ايوب خان اسان کي تيار ڪيو، جيتوڻيڪ کيس ان جي قيادت ڪرڻ نصيب نھ ٿي.غازي ضياءَ الحق کي 1977ع ۾ ڀٽو حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ بعد اها جنگ شروع ڪرڻي پئي. ھو سوويت فوجن کي افغنستان مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو تھ پوءِ آمريڪا کي اسان جي ضرورت نه رهي. هڪ تاريخي ۽ اڃا به سمجھه ۾ نھ ايندڙ ”اتفاق“ اهو به ٿيو ته 17 آگسٽ 1988ع تي ھڪ ”هوائي حادثي“ ۾ ھو فوت ٿي ويو.
افغانستان مان روسي فوج کي پاڪستان جي مدد سان ڀڃڻ تي مجبور ڪرڻ کانپوءِ آمريڪا اسان کي وساري ڇڏيو.خير، ان دوران بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف حڪومتن ۾ ” وارو“ وٺندا رهيا. انهن ٻنهي کي آمريڪا کان مالي مدد نه ملي سگھي. بلڪه پاڪستان کي ايٽم بم ٺاهڻ جو ڏوھي قرار ڏيندي مختلف قسم جي پابندي ۾ جڪڙيو ويو. آخرڪار نواز شريف جي ٻي حڪومت دوران پاڪستان، هندستان جي جواب ۾ پنهنجي ايٽمي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ تي مجبور ٿيو ۽ پاڪستان دنيا ۾ معاشي طور تي سڀ کان وڌيڪ پابندي مڙهيل ملڪ بڻجي ويو. اقتصادي طور ديوار سان لڳل ھئڻ باوجود جنرل مشرف ڪارگل ذريعي سرينگر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.ڪامياب نھ ٿيو تھ نواز شريف جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو.
نواز شريف جو تختو اونڌو ڪرڻ کانپوءِ عالمي لحاظ سان تنھا جنرل مشرف بھرحال نائين اليون جي مهربانيءَ سان آمريڪا دلدار بڻجي ويو. فيصلو اھو ٿيو ته اھو افغانستان، جنھن کي 1980ع جي ڏھاڪي ۾ ڪميونزم کان ”آزاد“ ڪرايو ويو ھو، تنهن کي هاڻي ”دهشت گردن“ کان بچايو وڃي. دهشتگردي خلاف اها جنگ 20 سالن تائين جاري رهي. ان دوران پاڪستان آمريڪا جي اهم حامي جو ڪردار ادا ڪيو. بھرحال اسان جو سھڪار تھ جاري رھيو پر پاڪستان جي عوام جي هڪ وڏي انگ سرڪار کان خفا ٿيو ويو. افغانستان ۾ جاري جنگ جو حساب پاڪستاني شھرين جي بي گناھ دهشتگردي جي ذريعي ٿيندڙ موت سان برابر ٿيندو رھيو.نيٺ آمريڪا ٿڪجي پيو. دوحا ۾ طالبان سان ڳالهيون شروع ٿيون. طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ عمران حڪومت ۽ ان جي سرپرست جنرل باجوا سڀ کان اهم ڪردار ادا ڪيو. طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ کان پوءِ آمريڪا کي انهن ٻنھي جي ضرورت نه رهي. اھي اقتدار ۾ رھيا، تڏهن به پاڪستان، آمريڪا کي ڪڏهن بھ ياد نه آيو. پر اسان کي پنھنجي معيشت بچائڻ جي لاءِ بار بار آمريڪا کي پنهنجون ”قربانيون“ ياد ڏيارڻيون پيون.ته جيئن اسان جي معيشت کي ڏيوالي ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ،آءِ ايم ايف اسان کي ”رليف پيڪيج“ فراهم ڪري سگهي.
مان اڪثر سوچيندو آهيان ته جيڪڏهن آمريڪا اسان کي وساري ڇڏي ته شايد اسان جي ُڪند ذهن ۽ قرض جي عادي اشرافيه وطن عزيز جي بقا کي يقيني بڻائڻ ۽ ان کي خوشحالي جي رستي تي آڻڻ لاءِ ڪي تخليقي آئيڊياز سوچڻ تي مجبور ٿي ويندي. اسان جي پاڙي ۾ھندستان جي نالي وارو ھڪ ملڪ به آهي. جن ڏينهن ۾ آمريڪا پاڪستان کي افغانستان ۾ ”دهشتگردي خلاف جنگ“ ۾ ڦاسائي ڇڏيو هو، انھن ئي ڏينھن ۾واشنگٽن ۾ پاليسي سازن جي اهم مرڪز اهو فيصلو ڪري ورتو ھو ته چين آمريڪا کي نه رڳو معاشي طور تي پر فوجي لحاظ سان به شڪست ڏيڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.يعني چين هن صديءَ جو ”سوويت يونين“ تصور ڪيو ويو آھي.جنھن کي بند ٻڌڻ جي لاءِ اتحادين جي ضرورت هئي، ۽ هندستان، پنهنجي آبادي ۽ چين سان ڇڪتاڻ سبب، ان حوالي سان اهم ڪردار وارو لڳو.
ھندوستان سان ڪلنٽن جي ڏينھن ۾ شروع ٿيل محبت ٽرمپ جي پھرين دور ۾ پروان چڙھي وئي. ٽرمپ هاڻي 20 جنوري 2025 تي وائيٽ هائوس ۾ موٽي رهيو آهي. اقتدار سنڀالڻ کان اڳ ھو پنھنجي مشرين ۽ مددگارن جي جيڪا ٽيم تيار ڪري رھيو آھي.انھن جي باري ۾ عمران خان جي محبت ۽ نفرت ۾ الجھيل ”ذهن سازن“ ڪڏهن به اسان جي رهنمائي ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي. هندستاني ميڊيا جا ”ذهن سازن“ باقاعده ان جي اهميت جو صحيح اندازو لڳائيندي اهڙيون ڳالهيون بيان ڪرڻ شروع ٿي ويا آهن جيڪي پاڪستان کي ”دهشتگردي“ جو مرڪز ثابت ڪرڻ جي مهم هلائڻ جي برابر آهن.
هندستان جي ھڪ مشهور ويب سائيٽ آهي. ”پرنٽ“ ان جو نالو آهي. سفارتي حلقن ۾ ان کي گھڻي معتبر سمجھيو ويندو آهي. پراوين سوامي اربع تي ان ۾ هڪ "خبر” لکي آهي. پراوين سوامي هڪ "پھتل ” صحافي آهي. هندستان جي نام نهاد ”ڊيپ اسٽيٽ“ سان مسلسل رابطي ۾ رھندو آهي. پراوين سنسني ڦھلائيندڙ خبر ۾ دعويٰ ڪئي ته ھڪ پابندي مڙهيل تنظيم جو باني مولانا مسعود اظهر لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن جي روپوشي کانپوءِ ”اوچتو“ منظر عام تي اچي ويو آهي. هن ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي ”هزارين“ مداحن کي خطاب ڪيو. اھو خطاب ڪٿي ۽ ڪھڙي ڏينھن ٿيو، ان بابت پراوين پاڻ به بي خبر آھي. ”انڊين انٽيليجنس“ آفيسر سان رابطي بعد بهاولپور جي هڪ مدرسي جو ذڪر ڪيو. پاروين جي مهرباني جو هن پنهنجي ”ذريعو“ جو ذڪر ڪري صحافتي اخلاقيات جي تقاضا پوري ڪئي. ٻن ڏهاڪن جي روپوشي کانپوءِ مسعود اظهر جي ”اوچتو“ ظاهر ٿيڻ واري سنسني ڀري دعويٰ جو مقصد جنوري 2025 ۾ قائم ٿيندڙ ٽرمپ جي حڪومت کي اهو پيغام ڏيڻ هو ته مبينا طور تي هندستان ۾ ”دهشتگردي“ پکيڙڻ جي لاءِ تياري ڪري رهيو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته ٽرمپ پرڏيهي وزارت لاءِ جنهن شخص کي نامزد ڪيو آهي ان جو نالو مارڪو روبيو آهي. اهو چين جو سخت دشمن ۽ هندستان جو حامي آهي. آمريڪي پارليامينٽ جي ميمبر، هن هڪ اهڙي قانون پاس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي ڪرايو وڃي، جنھن ڪري آمريڪا کي ان ڳالھه تي پابند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تھ جيئن ئي ھندستان ۾ ”دھشتگردي“ جو ڪو واقعو ٿئي ته ان جو ”تعلق“ پاڪستان سان ھوندو، جيڪڏھن ائين لڳي تھ پوءِ پاڪستان تي فوري معاشي پابنديون لاڳو ڪيون وڃن. بس ان نقطي کي ذهن ۾ رکندي پراوين جي لکيل اسٽوري تي غور ڪريو.