مسلم ليگ ن پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جون تياريون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جون تياريون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر رانا ثناءُالله جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پارٽي عهديدارن کي چونڊن جون تياريون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

ان کانسواءِ رانا ثناءُالله پارٽي اڳواڻن کي پنجاب ۾ ڊويزن، ضلعن، تعلقن ۽ يونين ڪائونسلن جي سطح تي ڀرپور مهم هلائڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ نون صوبن واري معاملي تي پڻ ڳالهايو ويو.

You might also like