ڪراچي (رپورٽر) اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ رشوت وٺڻ ۽ جعلسازي جي الزام ۾ ڪوآپريٽو سوسائيٽز جي ايڊمنسٽريٽر الطاف سولنگي ۽ سهولتڪار موسيٰ خلاف داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ۾ جاچ آفيسر پاران جوابدارن خلاف چالان پيش ڪيو ويو. عدالت جوابدارن خلاف چالان منظور ڪندي جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. جوابدارن پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کي ڪيس جا شاهد پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 13 جنوری تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ۾ اينٽي ڪرپشن جو جاچ آفيسر شريف الدين قاضي ۽ ڪيس جو فريادي رسول رضا پيش ٿيا. جاچ آفيسر ڪيس جو چالان پيش ڪندي چيو ته جوابدارن کي ڪوآپريٽو سوسائيٽي جي ايڊمنسٽريٽر جي حيثيت ۾ ٻن ڪمرشل پلاٽن جون ڀتيون اڏڻ جي مد ۾ 2 لک رپيا رشوت وٺندي گرفتار ڪيو آهي جوابدار اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو آهي. اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر شرف الدين قاضي ڪيس جو چالان پيش ڪندي چيو ته جوابدارن شهري رسول رضا کان ڪمرشل پلاٽن جي مد ۾ اين او سي جي لاءِ 3 لک رشوت طلب ڪئي هئي.