معذورن کي قابليت جي بنياد تي روزگار فراهم ڪرڻو پوندو:صدر زرداري

ڪراچي/اسلام آباد (رپورٽر )صدر آصف علي زرداري خاص ماڻهن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو اهي ته خاص ماڻهن  جي استقامت،همت ۽ قابل قدر ڪردار جو اعتراف ڪريون ٿا، خاص ماڻهن کي قابليت جي بنياد تي روزگار فراهم ڪرڻو پوندو،هوڏانهن اسپيشل ماڻهن جي بااختيارگي واري کاتي (ڊيپڊ) پاران هلندڙ سال جي عنوان ”جامع ۽ پائيدار مستقبل لاءِ معذور ماڻهن جي قيادت کي وڌائڻ“ تحت ڪوٺايل  تقريب ۾خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو تھ سنڌ حڪومت معذورن کي برابري جا موقعا فراهم ڪرڻ جي حوالي سان بهتري ڪم ڪيو آهي. اسان جو ويزن هڪ اهڙي سنڌ آهي جتي معذور ماڻهن کي بااختيار بڻايو وڃي سيڪريٽري ڊي اي پي ڊي طحٰه فاروقي سنڌ حڪومت جي صحت، تعليم، تربيت، روزگار ۽ بحالي جي شعبن ۾ ڪيل قدمن تي زور ڏنو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.