لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مينز سليڪشن ڪميٽي ڏکڻ آفريڪا جي دوري لاءِ ٽنهي فارميٽس لاءِ قومي اسڪواڊز جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ڏهه ڊسمبر کان ست جنوري تائين ٽن ون ڊي، ٽن ٽي ٽوئنٽي ۽ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏي ويندي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪيشن ڪميٽي موجب، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ محمد رضوان جڏهن ته ٽيسٽ سيريز ۾ شان مسعود ٽيم جي قيادت ڪندو.
فاسٽ بالر محمد عباس جي ٽن ورهين بعد واپسي ٿي آهي جڏهن ته شاهين آفريدي کي ورڪ لوڊ مئنيجمينٽ تحت ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.
بابر اعظم، محمد رضوان، صائم ايوب ۽ سلمان علي آغا ٽنهي فارميٽس ۾ اسڪواڊ جو حصو هوندا، جڏهن ته فاسٽ بالر نسيم شاهه کي ٽيسٽ ۽ ون ڊي سيريز لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
انگلينڊ خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ 19 وڪيٽون وٺندڙ ساجد خان کي ٽيسٽ ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويو آهي جڏهن ته نعامن علي 15 رڪني اسڪواڊ جو حصو آهي.
پي سي بي پڌرائي موجب، ڏکڻ آفريڪا جي ڪنڊيشنز ۽ مخالف ٽيم جي صلاحيتن کي نظر ۾ رکندي سليڪٽرز نعمان علي ۽ ساجد خان مان هڪ اسپيشلسٽ اسپنر چونڊيو آهي.
نعمان علي انگلينڊ خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ 20 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪيون هيون، هو پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي 17 ميچن ۾ 67 وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي.
زمبابوي خلاف ٻن ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ اٺ شڪار ڪندڙ اسپنر سفيان مقيم کي ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
پاڪستان جو ٽيسٽ اسڪواڊ ڪپتان شان مسعود، نائب ڪپتان سعود شڪيل، صائم ايوب، عبدالله شفيق، بابر اعظم، محمد رضوان، ڪامران غلام، سلمان علي آغا، عامر جمال، خرم شهزاد، مير حمزا ۽ محمد عباس تي ٻڌل آهي.
محمد رضوان جي قيادت ۾ پندرنهن رڪني ون ڊي اسڪواڊ ۾ عبدالله شفيق، صائم ايوب، بابر اعظم، ڪامران غلام، طيب طاهر، عثمان خان، سلمان علي آغا، ابرار احمد،حارث رئوف، سفيان مقيم، محمد حسينن، محمد عرفان خان، نسيم شاهه ۽ شاهين آفريدي شامل آهن.
اهڙي طرح ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ محمد رضوان ڪپتان، صائم ايوب، بابر اعظم، جهانداد خان، طيب طاهر، عثمان خان، عباس آفريدي، محمد حسنين، محمد عرفان خان، حارث رئوف، عمير بن يوسف، سلمان علي آغا، ابرار احمد، سفيان مقيم ۽ شاهين آفريدي شامل آهن.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ڏهه، 13 ۽ 14 ڊسمبر 2024ع تي ٽي ٽوئنٽي ميچون ترتيبوار، ڊربن، سينچورين ۽ جوهانسبرگ ۾ کيڏيون وينديون.
ٻئي ٽيمون 17 ڊسمبر تي پارل ۾ پهرين ون ڊي ميچ ۾ هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون،ٻي ون ڊي 19 ڊسمبر تي ڪيپ ٽائون ۽ ٽين 22 ڊسمبر تي جوهانسبرگ ۾ شيڊيول آهي.
شاهينن ۽ پروٽيز وچ ۾ ريڊ بال سيريز جي پهرين ميچ 26 ڊسمبر کان سينچورين ۾ شروع ٿيندي، جڏهن ته ٻي ٽيسٽ ميچ نئين سال جي شروعات ۾ 3 جنوري کان ڪيپ ٽائون ۾ کيڏي ويندي.
ڏکڻ آفريڪا جي دوري لاءِ اسڪواڊز جو اعلان، ساجد خان ڊراپ، محمد عباس جي ٽن ورهين بعد واپسي
You might also like