ملڪي معيشيت بهتري ڏانهن وڌي رهي آهي، حڪومت ماضي جون غلطيون نه ورجائيندي: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ )ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي معيشيت بهتري طرف وڌي رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي آئي آهي.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته گهٽ لاڳت جي گهرن جي اڏاوت اهم آهي، گهرن جي تعمير لاءِ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي اهم ڪردار ادا ڪندي، سستي گهرن جي اڏاوت ۾ مائيڪرو فنانس بئنڪن جو اهم ڪردار هوندو.
سندس چوڻ هو ته هاڻي حڪومت مقامي سطح تي قرض نه وٺندي، حڪومت خانگي شعبي جي هر سطح تي مدد لاءِ تيار آهي، حڪومت هاڻي ماضي جي غلطين کي نه ورجائيندي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته معيشيت ۾ خانگي شعبي جو اهم ڪردار آهي، حڪومت خانگي شعبي کي پاليسي گائيڊ لائن ڏيندي، هائوسنگ جي شعبي جو معيشيت ۾ نمايان ڪردار آهي.
هن چيو ته ملڪي معيشيت بهتري طرف هلي رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي آئي آهي، مهانگائي جي شرح 78 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته هاڻي معاشي استحڪام جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻو آهي، آءِ ايم ايف پروگرام تي عمل ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهن، معاشي سڌارن جو عمل جاري رکندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.