ڏھرڪي (پ ر) پاڪستاني رياست جا اندروني تضاد رياست ۽ ملڪ کي انارڪي يا ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ڪندا ۽ ان جا ڀيانڪ نتيجا عام عوام کي ڀوڳڻا پوندا. اھي ڳالھيون ڪامريڊ مانڌل شر جي ياد ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ان لاءِ نڪرندڙ نون ڪئنالن خلاف سڏايل ھاري ڪانفرنس کي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي خطاب ڪندي چيون. کروھي ضلعي گهوٽڪي ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي طرفان منعقد ھن ھاري ڪانفرنس کي پنھنجي خطاب ۾ ھن وڌيڪ چيو ته موجوده حالتن ۾ ڪامريڊ مانڌل شر جھڙي بي باقي، بھادري سان جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي، بي زمين ديس واسي ھارين کي زمينون ڏيڻ بجاء ملڪ جون زمينون ملڪي ۽ غير ملڪي سرمايه دار ڪمپنين کي ڏيڻ ملڪ جي خلاف سازش آھي. ان کان وڌيڪ اھو ته ملڪ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آھي، سنڌ ۾ ربيع جو فصل ڪجھ جاين تي سڪي رھيو ته ڪٿي پوکجي نه سگهيو آھي،اھڙين حالتن ھوندي به نوان ڪئنال ٺاھي سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي آباد زمينن کي غير آباد ڪيو پيو وڃي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر پروفيسر مير منور ٽالپر چيو ته سنڌ ھاري ڪاميٽي گھوٽڪي جي ھارين کي ڊگھي ويڙهه ذريعي زمينون ڏياريون، ھاڻي به سنڌ جي زمينن کي غير آباد ڪرڻ خلاف جدوجهد ۾ اچو ته گڏجي اڳتي وڌون. ڪانفرنس کي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي اڳواڻن ڪامريڊ زرقا شر، زليخان شر، نويد شر، روشن شر ۽ بلوچستان بزگر ڪاميٽي جي صدر فرهاد رند، جنرل سيڪريٽري غلام محمد جمالي، پيپلس پارٽي جي روسن شر، قومي عوامي تلريڪ جي لطف ميان شر، ترقي پسند پارٽي جي مير شر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.