اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم سميت اهم ڪيس آئيني بينچ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ اليڪشن ايڪٽ 2024 ۾ ترميم، گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي، سمنڊ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ، آڊيو ليڪ، پي آءِ اي جي نجڪاري، آءِ پي پي معاهدن ۽ قرضن جي معافي خلاف داخل درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن.  پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر، پاڪستان بار ميمبر اشتياق احمد جي مخصوص سيٽن جي الاٽمينٽ جي طريقيڪار ۾ تبديلي جي معاملي تي اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم خلاف داخل ڪيل درخواستون 4 ڊسمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون. آئيني بينچ ۾ مختلف بينڪن مان 54 ارب رپين جو قرض معاف ڪرائڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي مقرر ڪئي وئي. آڊيو ليڪس جي ٻڌڻي 2 ڊسمبر تي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 6 رڪني بينچ ڪندي. رجسٽرار آفيس طرفان ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا. آئيني بينچ ۾ عمران خان جي سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ واري درخواست به ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رڪني آئيني بينچ 2 ڊسمبر تي بڌڻي ڪندي. پي آءِ اي جي نجڪاري بابت ڪيس 5 ڊسمبر تي 6 رڪني آئيني بينچ ٻڌندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.