اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته عمر ايوب پاڪ فوج ۾ ويڇا وجهڻ، بغاوت تي ڀڙڪائڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري بيان ۾ هن چيو ته سياست جي اوٽ ۾ رياست تي حملو ڪندڙ لشڪرن جي مزاحمت لاءِ آئين ۽ قانون فوج سميت سڀني سيڪيورٽي ايجنسين کي واضح ڪردار ڏين ٿا پر پي ٽي آءِ جي ڪاهه دوران فوج سميت نه ڪنهن سيڪيورٽي ايجنسي گولي هلائي نه ڪنهن کي گولي هلائڻ جو حڪم ڏنو ويو. هن وڌيڪ چيو ته کليل ڪوڙ ۽ فرضي لاشن جي خيالي ڪهاڻين کانپوءِ پاڪ فوج تي الزام هڻڻ مذمت جوڳو آهي. اهو طئي ڪرڻو پوندو ته ڇا پي ٽي آءِ واقعي سياسي پارٽي آهي؟