سنڌ ۾ امن امان جو سوال ھر دور ۾ اھم رھيو آھي.انتظاميھ جي دوائن ۽ بدامني جي پاڙ پٽڻ واري پڪي ارادي جي اعلانن باوجود اھڙي ڪا ڪيفيتي تبديلي ڏسڻ ۾ نھ ٿي اچي جنھن جي بنياد تي اھو چئي سگھجي تھ امن امان جي صورتحال ۾ ڪا بھتري اچي رھي آھي.
مڪمل امن امان تھ ڪڏھن بھ نھ ٿيو آھي پر ڪجهھ وقت جي وقفي بعد وري اتر سنڌ جي علائقن ۾ ڌاڙيلن جي ڪارروائين ۾ شدت اچي وڃڻ ڪري ميڊيا ۽ ماڻھو بدامني جي ٻرندڙ باھ جي رسندڙ سيڪ تي دانھون ڪري رھيا آھن،پر حڪومت توڙي قانون لاڳو ڪندڙ سول ادارا ان طرف گھربل ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نھ آھن،جنھن ڪري عوام جي اندر بي چيني ۽ بي آرامي پيدا ٿيڻ لازمي امر آھي.
اوٻاوڙو لڳ سنڌ پنجاب جي سرحدي علائقي پنجاب جي ڀنگ ٿاڻي جي حد ۾ ڏوھاري سرگرم آھن.ٻين ٿاڻن جي پوليس جيان ڀنگ ٿاڻي جي پوليس پڻ ڏوھارين اڳيان بيوس بڻجي وئي آھي.جنھن سان ڏوھارين کي حوصلو ملي رھيو آھي. ۽ امن امان جي حالت ويتر خراب کان خراب تر ٿي رھي آھي.
ذڪر ڪيل علائقي جا ماڻھو رواجي زندگيءَ جي چھل پھل کان محروم ٿي پنھنجي پنھنجي گھرن تائين محدود ٿي ويا آھن. ڏوھارين دبران والا موضع مراد ماڇي لڳ ڪمند جي ڪٽائي لاءِ ويندڙ ٽن پورھتين عابد حسين، ظھور احمد ۽ عبدالشڪور کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ورتو آھي.
جديد ٽيڪنالوجي جو فائدو وٺندي ڏوھاري مغوين مٿان ڪيل ظلم جون وڊيوز ڀري سوشل ميڊيا تي عام ڪري وڌيڪ خوف پيدا ڪري رھيا آھن.اھا عجيب ڳالھھ آھي تھ ڪافي ڏينھن کان پيدا ٿيل اھڙي رجحان کي انتظاميھ ختم ڪرڻ ۽ سوشل ميڊيا تي جاري ٿيندڙ اھڙين وڊيوز توڙي ٻئي مواد کي روڪڻ يا ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي.جنھن سان سماج ۾ اھو خيال پکڙجي ٿو تھ قانون لاڳوڪندڙ ادارا ۽ حڪومت بي اختيار آھي.نتيجي ۾ ماڻھن ۾ خوف اڃان بھ وڌي ٿو وڃي ۽ انھن جو انتظاميھ تان ويساھ ئي کڄي ٿو وڃي.
تازو ڏوھارين مغوين جا ھٿ زنجيرن سان ٻڌي مٿن تشدد جون وڊيوز ۽ فوٽو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيا آھن،جڏھن تھ ڪجھه عرصو اڳ اغوا ڪيل اقليتي برادري جو پورھيت منور ميگهواڙ کي وائرل ڪيل تصويرن ۾ ڏيکاريو ويو آھي جنھن ڪري علائقي ۾ خوف ۽ ھراس ڇانيئل آھي ۽ مغوين جي گھرن ۽ وارثن ۾ روڄ راڙو متل آهي.
اھڙي ريت ھڪ ٻي واردات ۾ ڪشمور جي نائچ ڳوٺ ڀرسان ھٿياربندن المدينه ھوٽل تي چڙهائي ڪري ھڪ ڊرائيور سميت ٽن ڄڻن عبدالطيف پٺاڻ حبيب الله سرڪي ۽ ظھير چاچڙ کي اغوا ڪري ويا ڪشمور ٿاڻي جي پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي عمل ۾ نه آندي. ٽن ڄڻن جي اغوا بعد ڪشمور ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل مغوين جو انگ وڌي 7 ٿي ويو. ڪشمور پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي. اغوا ٿيل ٽرڪ ڊرائيور ۽ مزدورن جي وارثن روڊ بند ڪري احتجاج ڪيو جتي ڪشمور پوليس پھچي انھن سان ڳالھيون ڪري ٽن ڏينهن جي مھلت ورتي. جنھن بعد شھرين روڊ کولي ڇڏيو.
ٻئي پاسي مغوين جي وارثن جو چوڻ هو ته ڪشمور پوليس امن امان قائم ڪرڻ ۽ شھرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي. جنھن ڪري ھن علائقي ۾ڏوھاري ڏينھن توڙي رات جو سرعام رستن تي گھمي رھيا آھن ۽ ڪنھن بھ وقت وارداتون ڪري سگھن ٿا.متاثر شھرين ۽ مغوين جي وارثن سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ پوليس کي اپيل ڪئي تھ سندن مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.
سنڌ ۾ لاقانونيت عام ماڻھو کان زندھ رھڻ جو اتساھ ڦري ورتو آھي.سڄي سنڌ ۾ ننڍا وڏا ڏوھ عام ٿي ويا آھن،شايد ئي ڪو اھڙو علائقو ھجي جتي ماڻھو ڏينھن جو بھ بنا خوف جي گذري سگھندا ھجن،ڦرون،ڌاڙا،چورين جھڙا ڏوھھ ھڪ پاسي تھ وري منشيات،وياج خوري ۽ آڪڙا پرچي جھڙي سرعام ھلندڙ جوا ٻئي پاسي. ان وچ ۾ وري ھڪ ٻيو عذاب عوام مٿان نازل ٿيو آھي تھ ڏينھن جي روشني ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي ھٿياربندن پاران بي رحمي سان ماڻھو کي ماري ڇڏڻ واري خطرناڪ لاڙي عوام جي زندگيءَ کي محدود ڪري ڇڏيو آھي.
سنڌ جي اترين ضلعن گھوٽڪي،جيڪب آباد، شڪارپور، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين مان لاڳاپيل علائقن ۾ تھ ڌاڙيلن رڻ ٻاري ڏنو آھي.عام خيال آھي تھ ڌاڙيلن کان يرغمالي راڄوڻي طريقي سان بازياب ڪرايا وڃن ٿا.جنھن جو مطلب آھي تھ وچ ۾ ايندڙ ماڻھو ڌاڙيلن کي ڀنگ ۽ فرار ٿيڻ جو رستو ڏين ٿا. موٽ ۾ يرغمالي آزاد ڪيا وڃن ٿا.اھو گھڻو پراڻو طريقو آھي،جنھن کي اڻسڌي ريت ھر دور جي بيوس حڪومت،ڊنل پوليس ۽ بي اثر قانون قبول ڪري ورتو آھي.جنھن ڪري سموري معاشري ۾ اھو رواج پئجي ويو آھي.
اھو درست آھي تھ انتھائي بھترين قانون جوڙيل آھن اھي ڪتابن ۾ لکيل آھن ۽ اھي ڪتاب وري ڪٻٽن جي خانن ۾ بند آھن،نتيجي ۾ اھي ڪنھن لائبريري جو سينگار تھ بڻجي ويا آھن پر انھن تي عمل نھ ٿيڻ سان سماج اڳتي نھ پيو وڌي سگھي. عوام اھو سوال ڪرڻ ۾ حق بجانب آھي تھ ڇا ڏوهاري قانون ۽ حُڪومت کان مٿانهان ۽ طاقتور آهن، جو سرِ عام ڏوھ ڪن ٿا ۽پڻ حُڪومت کي چيلينج ڪري رهيا آهن ؟ حُڪمران فقط سکڻيون دعوائون ڪري،دلاسا ڏيڻ کان سواءِ ڪُجهھ نه پِيا ڪن. جيڪي مغوي بڻيل آهن اُنهن کي به آزاد ڪرائڻ ۾ سرڪار ڪا دلچسپيءَ ڏيکارڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي. جنھن سان آھستي آھستي حڪُمرانن تان ماڻھن جو ويساھ ختم ٿي چُڪو آهي. سخت بدامني ۽ ڳاٽي مھانگائي جي دور ۾ عوام ۽ اختيارين وچ ۾ اڳي ئي موجود مفاصلو اڃان پڻ وڌي رھيو آھي.
سنڌ جي انتظاميھ ۽ پوليس ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪا بھ رٿا جوڙڻ ۽ انھن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام نظر اچي رهي آهي. حڪومت کي پنھنجي رٽ قائم ڪرڻ ۽ عوام کي تحفظ فراھم ڪرڻ جو احساس ڏياريندي ٻھراڙين ۾ ٿيندڙ ڏوھن کي روڪڻ،يرغمالين کي آزاد ڪرائڻ ۽ شھرن ۾ ڦر دوران مزاحمت تي ٿيندڙ قتل خلاف عمل جوڳا قدم کڻڻ گھرجن.ائين نھ آھي تھ حڪومت اھو سڀ ڪجهھ ڪرڻ جي سگهھ نٿي رکي.پر معاملو مسئلي کي اوليت ڏيڻ جو آھي.