انقلاب ڇا آھي؟ اھو ته پنھنجي ڌرتي سان محبت جي اظھار جو ھڪ خاص ذريعو آھي. ھي ڪو ناقص العقل رستو ناھي جتي انتها پسندي يا ھٺ ڌرمي جو خيال جنم وٺي، پر اھو ته ھڪ انقلابيءَ لاءِ چاشنيءَ جي ذائقي سان ڀريل آزاديءَ جو نغمو آھي جيڪو صرف مَڌُرتا ۽ سُندَرتا سان ئي ڳائي سگهجي ٿو. غلامن جي بازار ۾ ھمت ۽ اميد انسان جي اندر ھڪ ڪيفيت کي جنم ڏين ٿيون جنھن کي آزاديءَ جي تڙپ چئبو آھي. اھا ڪيفيت فطري تقاضائن مان ھڪ آھي ڇو ته آزاديءَ جو تعلق ڪنھن خاص عمل جو نتيجو ناھي. ياد رھي ته فڪري آزادي قوم جي بقا جو ٿنڀو ھوندو آھي. ۽ آئيندي جو اوسيئڙو ھر سليمُ الفطرت جي سوچ جو مرڪز ھجي ٿو. جنھن کان پوءِ وري انساني عقل پنھنجي لاءِ واٽ طئي ڪري، ان مقصد جي ويجهي ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ۽ اھو لازم آھي ته ان مقصد خاطر انسانيت لاءِ امن جو سفير بڻجي ڪم ڪجي. جي ائين آھي ته پوءِ فرشتا به مدد لاءِ اڳڀرا رھندا، ۽ دنيا جي ھر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وسندڙ انسانَ ان سفر ۾ آزاديءَ جا پروانا بڻجي ھڪ آواز ٿيندا. اھڙن خيالن ۾ مجموعي طور تي وحدت پيدا ڪري عملي جدوجهد ڪرڻ کي ئي انقلاب چئجي ٿو.ھن رستي ۾ تڪليف جو اندازو ڪرڻ مشڪل آھي. آدم جي خدمت عشق جي اھا لاٽ آھي جنھن ۾ صرف خادم کي ئي جَلڻو پوندو آھي. شاھ لطيف چواڻي ته،
پتنگ چاھين پاڻ کي ته اچي آڳ اجھاءِ،
پچڻ گهڻا پچايا تون پچڻ کي پچاءِ،
واقف ٿي وساءِ آڳ نه ڏجي عام کي.تنھنڪري ھي اھڙو دڳ آھي جتي صرف اھو گھمندو آھي جيڪو پنھنجي خلافت جا راز معلوم ڪري وٺندو آھي. جيڪڏھن ڪو شخص ھن رستي جو داعي آھي ته اھو نه وسامندڙ باھ لاءِ تيار ٿئي جيڪا زماني جي ھٿان ھن کي لڳڻي آھي. ڇو ته سنتِ ابراھيمي جي پيروڪارن لاءِ آتشِ نمرود کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناھي. تنھنڪري ”سوري جنين سيج، مرڻ تن مشاھدو“ جي فلسفي کي سمجهي ھن درياهه ۾ ٽپو ڏجي. ڇو ته ھيءَ واٽ بزدلن لاءِ ناھي. جيڪڏھن ڪوئي شخص ھن راهه ۾ پڪو پهه ڪري عوام الناس جي خدمت لاءِ نڪري ٿو، ان کي گهرجي ته محبت جي بي انت روشنيءَ ۾ پاڻ کي ويڙھي ڇڏي ته جيئن هميشه منور رھي. جيڪڏھن محبت کان بغير صرف کوکلو جذباتي داعي بڻجندو ته مستقبل ۾ کين اُداسين جي اونداھين ۾ ڪرڻو پوندو. تنھنڪري انقلاب لاءِ محبت جو لباس شرط آھي ته جيئن برداشت جو عنصر پيدا ٿي سگهي.
انقلاب جذبات کان سواءِ ڪيئن ممڪن آھي؟ جذبات انسان جي دماغي رڳن کي خشڪ ڪري ڇڏيندي آھي جنھن سبب اموشنل برين لوجيڪل برين جي مٿان قابض ٿي ويندو آھي ۽ پنھنجي پاران ڪيل صحيح فيصلن جا نتيجا به غلط نڪرندا آھن. سماجي تبديلي وارو رستو عقل وارن جو ميدان آھي.
جنھن سماج ۾ عقل جذبات جو غلام ھوندو آھي اھو سماج اڀري ناھي سگهندو. جيڪا قوم سياسي، معاشي ۽ فڪري غلام ھجي ٿي ان کي خوبصوت نعرن ۽ عنوانن جي صورت ۾ جذباتي بڻائي کين استعمال ڪيو ويندو آھي. جذباتي نوجوانن کي ننڍن ننڍن مسئلن ۾ مصروف رکيو ويندو آھي ته جيئن غلاميءَ جو احساس منجهن نڪري وڃي، ۽ حقيقت انھن اڳيان ڌنڌلي ٿي پوي. انسان خدا جو راز آھي. ان راز مان مراد انساني صلاحيتن جو اظھار آھي. اھي صلاحيتون جنھن جي بنياد تي انسان ھڪ اھڙو معاشرو قائم ڪندو آھي جنھن ذريعي اللھ پاڪ جي رحماني صفات جو ظھور ٿيندو ھجي. معاشري ۾ وحدانيت جي فلسلفي کي غالب ڪرڻ ئي راز ۾ شمار آھي. اھڙو سماج جذبات سان نه پر عقل تي رکيل انڌي عقيدت جي پڙدن کي ھٽائڻ سان ئي ٺاھي سگهجي ٿو. جنھن سماج ۾ انسانيت جو قتل محض راءِ سان متفق نه ھئڻ سبب ڪيو وڃي ان سماج کي فڪري وحدت جي ضرورت ھوندي آھي جيڪا صرف انساني عقل سان ئي ممڪن آھي. ۽ فڪري وحدت لاءِ پنھنجي اندر ڪمالاتِ الاھي واريون صفات پيدا ڪرڻ پڻ ضروري آھن.