سياسي حالتن جو گھرائي سان جائزو وٺندڙ ھر باشعور ماڻھو اھو اندازو لڳائي سگھي ٿو تھ اقتدار ۾ ويٺل سياسي جماعتون ڪن ۾ ڦاٿل جنھن ٻيڙي ۾ سوار آھن ان کي ُٻڏڻ کان بچائڻ ناممڪن آھي.ان ٻيڙي ۾ ُسواري جاري رکڻ جي ڪا بھ ڪوشش ملڪ کي ۽ اقتدار ۾ ويٺل سياسي گروھن کي وڌيڪ تباھي ڏانھن وٺي ويندي. عوامي حمايت کان محروم پاڪستان جي اقتدار ۾ ويٺل سياسي جماعتون خوابن جي دنيا مان ٻاھر اچڻ جي لاءِ تيار ئي نھ آھن ۽ سموريون اميدون ملڪ جي طاقتور حلقن ۾ لڳائي ويٺيون آھن تھ اھي سندن اقتدار کي بچائيندا.پر ٽن سالن ۾ انھن جي ڪارڪردگيءَ ٻڙي رھي آھي.دنيا مان ڪا مدد نھ ملي سگھي. ملڪ ۾سياسي ۽ معاشي استحڪام نھ اچي سگھيو، غربت، مھانگائي ۽ بيروزگاريءَ ۾ اضافي جي ڪري عوام شديد ڪاوڙ جي ڪيفيت ۾ آھي.ملڪ ۾ انساني حقن جي پائمالي تي سڄي دنيا ۾ زبردست تنقيد ٿي رھي آھي.آمريڪي ۽ برطانوي ايوان نمائندگان ۽ گڏيل قومن سميت دنيا جي ڪيترين ئي تنظيمن پاران عمران خان جي حمايت ۾ بيانن کي نظراندز ڪري پي ٽي آءِ جي احتجاج کي روڪڻ جي لاءِ راولپنڊي،اسلام آباد ۽ اٽڪ کي ڪيترن ئي ڏينھن تائين بند ڪري ڇڏڻ انھن جي سياسي ناڪامي ۽ ڪمزوري جو کليل اظھار آھي.
ھاڻي 24 نومبر تي پڻ اھڙي قسم جا عقل کان عاري قدم کنيا ويندا.جنھن سان پي ٽي آءِ کي موقعو ملي ويندو تھ اھا ملڪ جي سمورن شھرن ۽ ٻھراڙين ۾ گھٽي گھٽي ۾ ان احتجاج کي پکيڙي ڇڏي.پي ٽي آءِ جي رويي مان محسوس ٿئي ٿو تھ اھو احتجاج ڪيترائي ڏينھن يا ڪيترائي ھفتا جاري رھي سگھي ٿو.ملڪ جا مقتدر حلقا ھڪ انتھائي غيرمقبول حڪومت جو بار ڪيستائين سھي سگھندا.جڏھن تھ عالمي سطح تي پڻ ھڪ دٻاءَ آھي.
جيڪڏھن ڪو اھو سمجھي ٿو تھ عوام موجودھ حڪمرانن مان خوش آھي ۽ بجلي جي ڳرن بلن،مھانگي پيٽرول،کاڌي پيتي جي شين جي وڌندڙ قيمتن،مھانگي ٽرانسپورٽ،اڻ پوري علاج ۽ صحت جي سھولت ۾ ،سست ٿي ويل ڪاروبار ۽ صنعتي سرگرميون ۽ لاقانونيت جي ڪري عدم تحفظ جو عوام تي ڪو اثر نھ پيو ٿئي.ان جي ردعمل ۾ عوام موجوده حڪمران سياسي جماعت کي الزام نھ ڏيندو ،ماڻھن ۾ ڪاوڙ جا جذبا پيدا نھ ٿيندا، ماڻھن کي لٺ،گولي ۽ جيل جي ڊپ کان احتجاج کان پري رکڻ سان سڀ ڪجهھ ٺيڪ ٿي ويندو تھ ان کي عقل جي خرابي کانسواءِ ڪھڙو نالو ڏئي سگھجي ٿو ؟
جيڪڏھن ھاڻي بھ ان حقيقت کي نظرانداز ڪيو ويو تھ اسين تباھي جي ڪناري تي نھ پھچي ويا آھيون،جڏھن دنيا اسان جي معمولي مدد ڪرڻ لاءِ بھ تيار نھ آھي.آءِ ايم ايف جو بجلي ۽ پئٽرول جي قيمتن وڌائڻ جي لاءِ دٻاءَ وڌي رھيو آھي،ملڪ بدترين معاشي ۽ سياسي بحران جو شڪار آھي.ان بحران ۾ وڌيڪ اضافو پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين سان انڪري بھ ٿيندو جو انساني حقن جو عالمي تنظيمون ان تي سخت ردعمل ظاھر ڪنديون،سڄي دنيا جي ميڊيا ۾ ان جون رپورٽون شايع ٿينديون.ٻاھرين ملڪ پاڪستانين جو وڏو تعداد پي ٽي آءِ جي حمايت جي ڪري امڪاني طور تي انھن جي گرفتارين جي خلاف آمريڪا ۽ ٻين اولهھ جي ملڪن ۾ مظاھرا بھ ٿي سگھن ٿا،دنيا جون سموريون جمھوريتون خاص ڪري اولهھ جي ملڪن ۾ ڪجهھ تنظيمن ۽ سياسي جماعتن پاران 20 ،20 لک ماڻھن جا مظاھرا ٿين ٿا،پر انھن ملڪن جون حڪومتون پنھنجو ڪم جاري رکن ٿيون ۽ سياسي استحڪام بھ قائم رھندو آھي.عوام جي مطالبن کي نظرانداز نھ ڪيو ويندو آھي،اسين انھن ملڪن جي ترقي کان متاثر ٿيون ٿا ،پر عمل ان جي ابتڙ ڪريون ٿا.نتيجي ۾ پوئتي وڃڻ جو سفر جاري آھي.ترقي ڪيل ملڪ وڌيڪ سڌارا ڪن ٿا.شفافيت ۽ ايمانداري جو رستو اختيار ڪن ٿا،ان جي ابتڙ اسين چونڊن ۾ ڌانڌلي، بي ايمان اسيمبلي ميمبرن جي خريداري جاري رکون ٿا.جنھن جو الزام تازو قومي اسيمبلي ۾ جي يو آءِ، جي اڳواڻ ھنيو ھو.ملڪ ۾ رشوت ۽ بدعنواني جو ڪيترائي ڀير الزام ھنيو ويو آھي.
ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل جنوري 2024 جي رپورٽ ۾ بدعنواني ۾ اضافي جي نشاندھي ڪئي ھئي.عمران خان بھ اھا ڳالهھ چئي چڪو آھي تھ ھڪ ڀيرو ھن پنھنجي حڪومت جي دور ۾ ملڪ جي طاقتور اداري جي سربراھ سان ان مسئلي تي ڳالھه ڪئي تھ جواب مليو تھ اھو ڪو مسئلو نھ آھي.حڪمران جماعتن جي قيادت ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ ،پاڪستان کي سياسي استحڪام طرف وٺي وڃڻ جي صلاحيتن کان محروم آھي.ان جو اھم سبب انھن کي عوام جو اعتماد حاصل نھ آھي ۽ انھن جو سمورو ڌيان اقتدار برقرار رکڻ ۽ ذاتي مفادن جي حصول تائين محدود آھي.انھن کي جيڪڏھن دنيا جي ترقي يافتھ ملڪن جي حڪمراني ڏني ويندي تھ ان ترقي يافتھ ملڪ کي بھ ٿوري عرصي ۾ ڏيوالپڻي جي ويجھو پھچائي ڇڏيندا.انھن جي ذاتي مفاد پرستي جي پاليسي سان ترقي يافتھ ملڪ ۾ بھ بدعنواني هٿي ڏني ويندي خزانو خالي ٿي ويندو.
موجود حڪمران جماعتن ملڪ جي سياسي ڍانچي ۾ آئيني ترميم ۽ ڪجھه قانون سازي سان جيڪي خرابيون پيدا ڪيون آھن،ان جي نشاندھي عالمي ادارا مسلسل ڪري رھيا آھن.آئيني ترميم تي تنقيد گڏيل قومن جي انٽرنيشنل ڪميشن آف جيورسٽ ڪئي آھي جنھن ان عمل کي عدليھ تي حملو قرار ڏنو.برطانوي اخبار گارڊين ان تي سخت تنقيد ڪئي، ھندستاني اخبار ٽائمز آف انڊيا، انڊين ايڪسپريس ۽ بزنس اسٽينڊرڊ بھ ان ترميم تي سخت تنقيد ڪئي.پاڪستان جي اڳوڻي صحافي ۽ سفارتڪار مليحا لوڌي ان کي جمھوريت جي خلاف قراقر ڏنو.
ان ھوندي بھ جيڪڏھن ڪجهھ اڳواڻ ۽ انھن سان ُسر ملائيندڙ ڪجھه ساٿي انھن کي غلط قرار ڏئي پاڻ کي سياڻو ثابت ڪن ٿا تھ پوءِ ان کي ڪو ٻيو ئي نالو ڏئي سگھجي ٿو.
شايد اھي خوش فھمي مان ٻاھر نڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھن.حلانڪھ چٽو نظر اچي رھيو آھي تھ جنھن رستي تي ملڪ نيو پيو وڃي،اھو پستي جو سفر ٿي سگھي ٿو،ترقي جو نھ ٿو ٿي سگھي.ھن وقت ٻھ رستا آھن،اول ھي تھ تباھي جي ھن سفر کي جاري رکيو وڃي.ٻيو ھي تھ ملڪ ۾ انصاف ڀريون چوندون ڪرائي.ھن وڏي بحران مان ڪڍي جمھوريت جي رستي تي گامزن ڪيو وڃي.
پاڪستان رڳو جمھوريت جي بحالي ،قانون جي حڪمراني،عدليھ جي آزداي،بدعنواني جي خاتمي،شفافيت،عوام جي خوشحالي سان ئي اڳتي وڌي سگھي ٿو.ھر حال ۾ اسان کي ھڪ صاف سٿرو معاشرو قائم ڪرڻو پوندو.ٻي صورت ۾ اسين پاڻ کي ھڪ ناڪام رياست ۾ تبديل ڪري ڇڏينداسين.اھڙي تباھي کان بچڻ جي ضرورت آھي.
مسئلو ھي آھي تھ مقتدرا سياسي جماعتون چونڊن ۾ ھارائڻ جي خوف ۾ مبتلا آھن ۽ شايد ڪنھن سمجھوتي ۾اھڙو تحفظ چاھين ٿيون.جنھن ۾ ھنن جي دولت ۽ جائيداد جو ڪو حساب نھ ورتو وڃي.انھن کي اسيمبلين ۾ ڪجهھ حصو ڏنو وڃي. ھن کي محدود ڌانڌلي جي اجازت ڏني وڃي.
غالب امڪان آھي تھ پردي پٺيان ڪا وڏي کچڻي رڌجي رھي آھي.ڏسڻو ھي آھي تھ ملڪ جون فيصلو ڪندڙ قوتون ڪھڙي رستي جي چونڊ ڪن ٿيون،ھڪ صاف سٿرو ۽ خوشحال معاشرو جتي عوام پوري قوت سان متحرڪ ٿي معاشي سرگرمين جي ذريعي پنھنجا مسئلا حل ڪري يا وري اھڙو سماج جيڪو جمھوريت،بدعنواني،ڪوڙ،لاقانونيت جي ذريعي اڻ ڄاتل منزل ڏانھن گامزن ھجي،تباھي جا بھ ڪيترائي قسم ھوندا آھن.ايندڙ ڏينھن ۾ صورتحال اڃان وڌيڪ چٽي ٿي ويندي.