ڪشمور ۾ واپاري راجيش ڪيسواڻي جي آزادي لاءِ شهرين جي ريلي

ڪشمور(رپورٽ: دليپ ڪمار ڪيسواڻي) ڪشمور ۾ ھندو پنچائت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين پاران چار ڏينهن اڳ گڊو ٿاڻي جي حد ديراموڙ رائيس مل تان اغوا ٿي ويل مغوي  راجيش ڪيسواڻي جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪڍي وئي. ڀرچونڊي  درگاهه جي پير عبدالحسيب قادري، محمد يوسف رسول، چوڌري نريش ڪيسواڻي، ايس ٽي پي جي رفيق احمد چنا عطاءُ ﷲ ڪنڀر ۽ ٻين ڪشمور پوليس جي ناقص ڪارڪردگي خلاف سخت نعريبازي ڪندي مغوي راجيش ڪيسواڻي جي بازيابي جو مطالبو ڪيو. اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمور ٿاڻي جي حد مان راجيش ڪيسواڻي ،وڪرم ڪمار، جھانزيب سومرو احمد الدين سومرو آصف دشتي غلام حسين دشتي محمد پناهه کوسو سميت ست مغوين کي ڌاڙيلن اغوا ڪري باندي بڻايو آهي. ڪشمور پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ۽ ڏوھارين خلاف ڪا ڪارروائي عمل ۾ ناهي آندي. ھنن سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته مغوي راجيش ڪيسواڻي سميت سڀني مغوين کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.