لاهور (عمران شفقت) پي ٽي آءِ هن وقت هڪ ننڍو مسئلو آهي، تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ علي امين گنڊاپور جي جذباتي تقرير هجڻ باوجود ميڊيا تي نشر ٿيڻ ان ڳالهه جو اشارو آهي ته معاملا طئي ٿيل هوندا آهن. اصل مسئلو اهو آهي ته جنرل فيض حميد، جنرل باجوا ۽ عمران خان جي پٺيان ڪير هئا ۽ اهي ڪنهن جي چوڻ تي اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيا هئا. گذريل سالن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو رهيو آهي اهو ٻاهرين رياست مقامي رياست سان گڏجي ڪندي رهي آهي ۽ هاڻي جيڪا دهشتگردي ٿي رهي آهي ان ۾ بي ايل اي ملوث آهي جنهن کي ڀارت سپورٽ ڪري رهيو آهي، بي ايل اي جي آپگهاتي حملي آور جن کي نشانو بڻايو اهي عام ماڻهو نه پر فوجي هئا، اها ڄاڻ انهن تائين ڪيئن پهچي ٿي؟ يعنيٰ ڪا باقيات اڃا به موجدو آهي. ڪي ماڻهو آهن جيڪي چين کي محدود رکڻ چاهين ٿا ۽ اڄ چين کي سخت اعتراض به آهن. گذريل وقت ۾ سي پيڪ کي روڪيو ويو هو ۽ طالبان کي آندو ويو جيئن بدامني جي ڪري سي پيڪ ٺهي ئي نه سگهي. عمران خان، جنرل فيض حميد، جنرل باجوا رڳو سهولتڪار هئا. ذريعن موجب اهو ڪنهن پاليسي جو حصو هو، پر ڇا ان پاليسي تي پارليامينٽ ۾ ذڪر ٿيو هو؟ يا ڪنهن ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ٿيو هو؟ ڏسڻو پوندو ته اها پاليسي ڪيئن ٺهي هئي ۽ ڇا انهن جي باقيات اڃا به موجود آهي؟ جيڪڏهن موجود آهي ته پوءِ انهن کي به حل ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ معاملا ٺيڪ نه ٿيندا. چيو پيو وڃي ته جنرل فيض حميد خلاف ڪارروائي حتمي مرحلي ۾ آهي ۽ کيس عمر قيد جي سزا اچي سگهي ٿي پر جيڪڏهن کيس عمر قيد جي سزا آئي ته ڪجهه سالن کانپوءِ هو آزاد ٿيندو ۽ وري ڪو ٻيو اچي ويندو.