فوجي سربراهن جو مدو وڌائڻ سان فوج اندر ڇڪتاڻ ٿي سگهي ٿي: دفاعي تجزئي نگار

اسلام آباد (م ڊ) فوجي سربراهن جي ملازمت مدي ۾ واڌ تي تجزئي نگارن چيو آهي ته حڪومت ۽ فوج وچ ۾ ته ڇڪتاڻ گهٽجي سگهي ٿي پر فوج اندر سياست ٿي سگهي ٿي. اڳوڻي بچاءَ وارو سيڪريٽري خالد نعيم لوڌي رڳو ”جزوي“ اتفاق ڪري ٿو. هن جو خيال آهي ته پاڪستاني فوج ۾ ليفٽيننٽ جنرلن جون پوسٽنگون اهڙيون جڳهه هونديون آهن جتي کين خبر هوندي آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي ۽  ڇا ٿيڻو آهي. هن کي اهو به خدشو آهي ته آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ سان سندس اڳوڻي اداري ۾ ’سياست‘ اڀرڻ جو موقعو ملندو. سياست فوج ۾ هڪ اداري جي حيثيت سان ايندي. جڏهن توهان مدو وڌايو، ٻيا اميدوار ان کي حاصل ڪرڻ لاء هٿ پير هڻندا، ان لحاظ کان اهو قدم شايد اداري لاءِ سٺو نه هجي.پاڪستاني فوج تي ويجهي نظر رکندڙ تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته آرمي چيف وانگر ٻين اعليٰ فوجي آفيسرن جي رٽائرمينٽ جي عمر وڌائڻ جي ضرورت آهي. شجاع نواز جو چوڻ آهي ته آرمي چيف ۽ سندس سينيئر ساٿين جي وچ ۾ عمر ۽ مدت جي فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 3 ۽ 2 اسٽار جنرلن جي عمر جي حد ۾ به نرمي ڪئي وڃي. ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ خالد نعيم لوڌي جو چوڻ آهي ته سياسي دور جي سياسي رخ تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته هاڻي هر حڪومت کي هڪ ئي آرمي چيف مقرر ڪرڻو پوندو. جڏهن به آرمي چيف جي مقرري ٿيڻي آهي، تڏهن فوج ۽ سياسي حڪومت وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿيندي آهي. "هن حرڪت بابت سٺي ڳالهه اها آهي ته تڪرار ٻه ڀيرا نه پر هڪ ڀيرو پيدا ٿيندو ۽ پوء شايد اتي هڪ استحڪام هوندو.”

  1. موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان کي سخت نقصانن جو انديشو

بنڪاڪ (م ڊ) ايشيا پيسفڪ ڪلائميٽ رپورٽ موجب پاڪستان کي ايندڙ سالن ۾ موسمياتي تبديلين سبب سخت نقصانن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. رپورٽ موجب موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان کي 2070ع تائين جي ڊي پي ۾ 21 سيڪڙو گهٽتائي کي منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو، جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ نقصان زراعت جي شعبي ۾ ٿيڻ جو خطرو آهي. 2070ع تائين چانورن ۽ مڪئي جي پيداوار ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي جو امڪان آهي. سويابين جي پيداوار ۾ 20 سيڪڙو ۽ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 45 سيڪڙو گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. مڇي جي ڪاروبار سان واڳيل ماڻهن کي پيداوار ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.