اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 10 خوارج مارجي ويا،8 زخمي

راولپنڊي (م ڊ ) پاڪ افغان سرحد ڀرسان اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز  جي ڪامياب آپريشن دوران 10 خوارج دهشتگرد مارجي ويا  آهن.آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس جي بنياد تي آپريشن ڪيو ويو، سيڪيورٽي فورسز ڪامياب آپريشن ڪري 10  خوارجين کي ماري ڇڏيو جڏهن ته 8  زخمي ٿي پيا آهن.آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل خوارجين وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي. خوارج سيڪيورٽي فورسز تي  دهشتگردي جي حملن ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ وڌيڪ خوارجين جي ڳولا  لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي، سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.ٻئي طرف صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف سميت ٻين سياسي شخصيتن اتر وزيرستان ۾ خوارج جي خلاف آپريشڻ ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر  طرفان ڪامياب ڪارروائي ۾ 10 خوارجن جي مارجي وڃڻ  ۽ 8  جي زخمي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ڪئي ۽ سيڪيورٽي فورسز جي پيشه وارانه مهارت جي تعريف ڪئي. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف به اتر وزيرستان ۾ خوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي ملڪ مان خاتمي تائين انهي جي خلاف جنگ جاري رکنداسين،  ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به سپن وام ۾ خوارجي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ 10 خوارجي دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏني، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه به دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورس کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.