ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل جي ذميوار حڪومت قرار، ٻيهر عدالتي جاچ جو مطالبو

حيدرآباد (پ ر)جسٽس فار شاهنواز ڪنڀر ڪميٽي ۾ شامل قوم پرست، وطن دوست، سنڌ دوست پارٽين، اديب دانشورن، صحافين، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن جو ڪالهه اجلاس حيدرآباد سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس تي ٿي گذريو، جنهن  جي ميزباني جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو ڪئي. ويهڪ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جو زميوار پ پ ۽ وڏو وزير، صوبائي وزير سردار شاهه، ضياءُ لنجار ۽ آءِ جي سنڌ کي قرار ڏنو ويو.  اجلاس ۾ ورجايو ويو ته فوري طور تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 3 حاضر ججن تي ٻڌل جوڊيشل ڪميشن قائم ڪئي وڃي جيڪا هڪ مهيني اندر رپورٽ جاري ڪري، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ڪيس ۾ جن ماڻھن خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيل آھي انهن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي.اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کي جس ھجي جيڪي پھرين ڊسمبر تي مذھبي انتھاپسندي ۽ سنڌو درياھ مان غير قانوني ڪيئنال ڪڍڻ خلاف ثقافت جو ڏينھن ملھائي رھيا آھن اسين سندن ڀرپور حمايت جو اعلان ڪريون ٿا ۽ گڏجي ھي ڏينھن ملھائينداسين. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پھرين ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر شاهه نواز ڪنڀر سان يڪجھتي طور ڏيئا ٻاري کيس ڀيٽا ڏني ويندي ۽ احتجاجي جلسو ٿيندو ان کان پھرين مقتول ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي مزار تي پھچي چادر چاڙھي ويندي، اجلاس ۾ ڊاڪٽر بدر چنا، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، قمبر نواز راڄپر، رميش گپتا، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، قاضي انور، سائين هجراج، نواز شاهھ ڀاڏائي، غفارميرجت، پنهل جمالي، سلطان دل، عابد ڪوري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.