اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ ايم ايف وفد پاڪستان پهچڻ کانپوءِ ايف بي آر سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، آءِ ايم ايف وفد 15 نومبر تائين پاڪستان ۾ترسندو، وفد کي پهرين ٽه ماهي دوران معاشي ڪاڪردگي تي بريفنگ ڏني ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مني بجيٽ جي جوڙجڪ سميت آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ هوم ورڪ تي ڪم جاري آهي، جنهن ۾ ٽيڪس ريونيو، تاجر دوست اسڪيم ۽ توانائي شعبي ۾ سڌارا شامل آهن.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف سان ساليانا ٽيڪس هدف پورا ڪرڻ لاءِ امڪاني مني بجيٽ جي نڪتن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، وفد کي صوبائي سطح تي زرعي انڪم ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويندو.
ذرين موجب، صوبائي حڪومتون قانون سازي لاءِ آڪٽوبر جي ڊيڊ لائين پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن، آءِ ايم ايف مشن کي ٻه ڏهائي پنج ارب ڊالر جو فنانسنگ گيپ پورو ڪرڻ لاءِ انتظامن کان آگاهه ڪيو ويندو.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف وفد دوري ۾ واڌو فنڊ سهولت پروگرام جي پهرئين جائزي تي ڳالهه ٻولهه نه ڪندو، موجودا پروگرام جو پهريون اقتصادي جائزو مارچ 2025ع ۾ شيڊيول آهي.
You might also like