چولستان ڪئنال ٺھيو ته سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو:اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته پ پ سنڌ جي قيمت ادا ڪري حڪومت ورتي آھي،سنڌ جا ماڻھو سجاڳ ٿين ۽ ٻڌائين ته انھن کي ڪھڙو رستو اختيار ڪرڻو آھي سنڌ جي خوشحالي جو يا سنڌ جي تباھي جو. درياھ سان سنڌ آھي ۽ ملڪ آھي سنڌ جي 7 ڪروڙ ماڻھن جي بقا ۽ مستقبل جو دارومدار سنڌو درياھ تي آھي. سنڌ جي ماڻھن جو صبر ختم ٿي رھيو آھي. تمام گھڻي دير نه ٿي وڃي. آصف  زرداري، بلاول ۽ وزيراعظم کان سنڌ جو عوام پڇي ٿو ته ڇا اسين آفريقي صحرا آھيون. سنڌ حڪومت سنڌ جو پاڻي ۽ وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آھي. پارليامينٽ ۽ سي سي آءِ سنڌ جي پاڻي کان لاتعلق بڻيل آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته سي سي آءِ ۾ ھڪ صوبي جي اڪثريت آھي. چار ميمبر پنجاب جا آھن. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ نٿو ڪيو وڃي. بدين، ٺٽو، سجاول ۽ ڊيلٽا سخت متاثر آھن،هن چيو ته چولستان ڪئنال ٺھيو ته سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو. سنڌ بنجر ٿي ويندي. ٺٽو، سجاول، بدين، ڄامشورو ۽ ٿر ۾ پيئڻ جو پاڻي ناھي. سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي رھيو آھي. اعتراضن باوجود سي ڊي ڊبليو پي تڪراري منصوبن جي منظوري ڇو ڏني،هن چيو ته ملڪ جي زرعي جي نالي تي سنڌ کي بنجر ۽ ڀڙڀانگ نه ڪيو. سنڌ ملڪ جي معيشت جو مرڪز آھي، ان جي تباھي ملڪ دشمني آھي. ارسا، واپڊا، سي ڊي ڊبليو پي ۽ سي سي آءِ مان تعصب پرست ميمبر ھٽايا وڃن. سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ تي سنڌ اسيمبلي، ايم پي اي، ايم اين ايز ڇو خاموش آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.