پي سي بي پنهنجي موقف تي قائم، مائنس ڀارت چيمپيئنز ٽرافي جي تجويز تي غور

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پنهنجي ٽيم نه موڪلڻ واري بي سي سي آءِ جي فيصلي تي سخت موقف اختيار ڪندي مائنس ڀارت فارمولي تي غور شروع ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، ڀارت خلاف سخت موقف اختيار ڪرڻ لاءِ شروعاتي موقف ۾ 1996ع ۽ 2003ع واري عالمي ڪپ جا مثال پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
1996ع ۾ آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز، سريلنڪا ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪيو هو جڏهن ته 2003ع ۾ نيوزيلينڊ، ڪينيا ۽ انگلينڊ زمبابوي ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪيو هو.
آءِ سي سي انڪار ڪندڙ ٽيمن جي ميچن ۾ مخالف ٽيمن کي پوائنٽس ڏئي ڇڏيون هيون.
ذريعن موجب، پي سي بي جو آءِ سي سي ۾ اِهو موقف هوندو ته ماضيءَ ۾ ٽيمن جي نه اچڻ تي وينيو تبديل نه ڪيو ويو، ان مثالن جي بنياد تي پاڪستان هڪ سخت موقف اپنائيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ان بنياد تي مائنس ڀارت چيمپيئنز ٽرافيءَ جي تجويز به ڏئي سگهي ٿو، ڀارت طرفان چيمپيئنز ٽرافيءَ واري معاملي تي هنيئر تائين لکت ۾ موقف پيش ناهي ڪيو ويو.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي ان ڳالهه تي زور ڏيندو ته ڀارت پنهنجو موقف لکت ۾ پيش ڪري.
ان کان اڳ اِها خبر سامهون آئي هئي ته پاڪستان ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ حڪومتي گائيڊ لائنز روشني ۾ آءِ سي سي کي خط لکندو جنهن لاءِ بورڊ قانوني مشاورت پڻ مڪمل ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.