ٽرمپ جي ڪاميابي جو پاڪستان سان ڪوبه تعلق نه آهي: آغا سراج دراني

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي جو پاڪستان سان ڪوبه تعلق نه آهي.
ڪراچي ۾ احتساب عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته ٽرمپ جا پاڪستاني معاملن بابت جيڪي افواهه پکيڙيا ويا آهن انهن ۾ ڪابه حقيقت نه آهي، پاڪستان جو پنهنجو قانون آهي ۽ آمريڪا جو پنهنجو قانون آهي.
هن چيو ته مخالف ڌر ڪڏهن به فرينڊلي ناهي هوندي، جيڪڏهن مخالف ڌر کي هائوس ۾ موقعو نه ملندو ته اها ٻاهر ڳالهائيندي، بهتر آهي ته مخالف ڌر هائوس ۾ پنهنجي ڪاوڙ ڪڍي وٺي.
سراج دراني پنهنجي ڪيس جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته 6 سال ٿي ويا آهن ڪيس اهڙي طرح ئي هلي رهيو آهي، عدالت جڏهن گهرائيندي آهي حاضر ٿيندا آهيون.
سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر سراج دراني جو چوڻ هو ته پهريان به ڪيسن کي منهن ڏنو آهي، جيڪڏهن ڪيس مقرر وقت تي اڪلايا نٿا وڃن ته انهن کي ختم ڪرڻ گهرجي، تاريخ مٿان تاريخ جو مقصد ئي اهو هوندو آهي ته عدالتن ۾ ايندا رهو.
آغا سراج دراني چيو ته سندن 30 سالن کان ميڊيا ٽرائل ٿي رهيو آهي.
ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻين جي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي ريفرنس ۽ ريفرنس جي اختيارن بابت جوابدارن جي بريت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
جوابدارن جي وڪيل چيو ته نيب ترميم کانپوءِ احتساب عدالت وٽ ريفرنس جي ٻڌڻي جو اختيار نه آهي.
احتساب عدالت ٻنهي درخواستن جي ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ 18 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.…

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.