اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت طرفان ” ٽيڪ اينڊ پي “ موڊ تي 18 آءِ پي پيز سان ٻن هفتن اندر معاهدي جو امڪان آهي جنهن ذريعي ساليانو ستر کان سئو ارب رپين جي بچت ۾ مدد ملندي.
ميڊيا رپورٽس موجب، 1994ع ۽ 2002ع جي پاور پاليسين تحت 4267 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي مجموعي صلاحيت سان 18 آزاد پاور پروڊيوسرز ( آءِ پي پيز ) سان ٻن هفتن ۾ بجليءَ جي خريداري لاءِ ” ٽيڪ اينڊ پي “ موڊ تي معاهدي جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، موجودا ٽيڪ يا پي موڊ بدران بجليءَ جي خريداري لاءِ 18 آءِ پي پيز کي ٽيڪ اينڊ پي موڊ ۾ تبديل ڪرڻ جا چٽا امڪان آهن، ٻنهي نون معاهدن تي صحيحون ڪرڻ ۾ ٻن هفتن جو وقت لڳي سگهي ٿو جڏهن ته معاهدي تحت ساليانو ستر کان سئو ارب رپين جي بچت ۾مدد ملندي.
You might also like