بابا صديقي کي گولي هڻندڙ گرفتار، جاچ دوران شوٽر جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مهارشٽرا جي اڳوڻي وزير مرحوم بابا صديقي کي گولي هڻندڙ اهم جوابدار شيو ڪمار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، بابا صديقي کي گولي هڻندڙ جوابدار شيو ڪمار کي اتر پرديش رياست مان گرفتار ڪيو ويو آهي، پڇاڳاڇا دوران جوابدار لارنس بشنوئي گينگ سان تعلق جو اعتراف ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، شوٽر شيو ڪمار بابا صديقي جي قتل کانپوءِ روپوش هو ۽ نيپال فرارٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو جنهن دوران اتر پرديش پوليس ڪارروائي دوران کيس گرفتار ڪري ورتو.
پوليس شيو ڪمار سميت وڌيڪ چئن جوابدار کي به گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن کانپوءِ بابا صديقي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جو انگ 23 ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.