پاڪستان هٿان شرمناڪ شڪست، اڳوڻا آسٽريلوي ڪرڪيٽر ٽيم تي ڏمرل

ميلبورن(ويب ڊيسڪ ) پاڪستان هٿان ون ڊي سيريز ۾ شرمناڪ شڪست اڳوڻن آسٽريلوي ڪرڪيٽرن پنهنجي ٽيم کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ سينيئر رانديگرن کي ٽِين ميچ لاءِ آرام ڏيڻ واري واري فيصلي تي سوال اُٿاريندي چيو ته سمٿ، ڪمنز، اسٽارڪ، لبيوشين ۽ هيزل ووڊ کي ٽين ميچ ۾ ڇو آرام ڏنو ويو؟
مائيڪل ڪلارڪ چيو ته 22 نومبر کان ڀارت خلاف شيڊيول ٽيسٽ لاءِ سينيئر رانديگرن کي آرام ڏنو ويو، ٽيسٽ وڪيٽ ڪيپر اليڪس ڪيري ڊوميسٽڪ ون ڊي ڪپ کيڏي رهيو آهي، لڳي ٿو ڪرڪيٽ آسٽريليا کي هارائڻ جي پرواهه نه آهي.
اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن آسٽريليا شروعاتي ٻئي ميچون کٽي ها ته آرام ڏيڻ وارو فيصلو سمجهه ۾ اچي ها، سيريز جي فيصلائتي ميچ کان اڳ رانديگرن کي آرام ڏيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.
آسٽريلوي ڪرڪيٽر برينڊن جيولين چيو ته شڪست شرمناڪ آهي، شيڊيول مسئلو رهيو، فيصلائتي ميچ کان اڳ پنج رانديگرن کي آرام ڏيڻ وارو فيصلو غلط هو.
اڳوڻي آسٽريلوي بيٽر ۽ ڪوچ مائيڪل هسي جو چوڻ آهي ته ائين ڪٿي ناهي ٿيندو اهم ميچ کان اڳ پنج رانديگرن کي ٻاهر ويهاري ڇڏيو، ٽنهي ميچن ۾ بيٽرن مايوس ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.