چيمپيئنز ٽرافي: پي سي بي، بي سي سي آءِ کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار، قانوني مشاورت مڪمل

لاهور (ويب ڊيسڪ ) چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارت جي پاڪستان نه اچڻ واري معاملي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قانوني مشاورت مڪمل ڪري ورتي.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ آءِ سي سي کي خط لکندو، آءِ سي سي کي خط حڪومت گائيڊ لائينز موجب لکيو ويندو، بورڊ ان حوالي سان قانوني مشاورت به مڪمل ڪري ورتي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي آءِ سي سي کان ڀارت جي پاڪستان نه اچڻ جا جوڳا ڪارڻ پڇندو، پي سي بي حڪومت تجويز موجب سخت ترين جواب ڏيندو ۽ پنهنجو موقف پيش ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي بورڊ زباني آءِ سي سي کي چيمپيئنز ٽرافيءَ لاءِ پاڪستان نه اچڻ جو ٻڌايو، پي سي بي مطالبو ڪندو ته ڀارتي بورڊ انڪار جو سبب لکت ۾ ڄاڻائي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٻين بورڊز سان به رابطو ڪري پنهنجو موقف پيش ڪندو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ڀارت جي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان نه اچڻ واري فيصلي بابت آگاهه ڪيو جنهن بعد پي سي بي طرفان حڪومت سان رابطو ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.