ڀارت جي انڪار بعد حڪومت ۽ پي سي بي مان سخت ردعمل جي اميد آهي: محمد حفيظ

لاهور( ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ٽيم پاڪستان موڪلڻ کان انڪار ڪرڻ واري معاملي تي اڳوڻو ڪپتان محمد حفيظ پي سي بي جي منهن ٽوڙ جواب جا منتظر آهيون
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب، بي سي سي آءِ طرفان آءِ سي سي کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي 2025ع ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان نه ويندي.
رپورٽ موجب، بي سي سي آءِ جي اهڙي فيصلي کانپوءِ آءِ سي سي ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ متبادل پلان تي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ هائبرڊ ماڊل تحت ميگا ايونٽ جو ڪجهه ميچون ٻئي وينيو ته ڪرائڻون پونديون.
ٻئي پاسي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارت جي پاڪستان نه اچڻ واري معاملي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ به قانوني مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي جڏهن ته اڳوڻو ڪپتان محمد حفيظ پي سي بي جي منهن ٽوڙ جواب جي اوسيئڙي ۾ آهيون.
ان ڏس ۾ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي محمد حفيظ چيو ته ڏينهن جو خواب هو ته ڀارت چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان ايندو، پاڪستان محفوظ ملڪ آهي ۽ ايونٽ جي ميزباني لاءِ تيار آهي.
حفيظ چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ کيڏندڙ سمورن ملڪن جي ميزباني ڪري رهيو آهي پر ڀارت لاءِ محفوظ نه آهي، حڪومت ۽ پي سي بي طرفان مضبوط ۽ دنگ ڪري ڇڏيندڙ جواب جي اوسيئڙي ۾ آهيون.
ياد رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ايندڙ سال 19 فيبروري کان 9 مارچ تائين پاڪستان ۾ شيڊيول آهي جنهن ۾ اٺ ٽيمون شرڪت ڪنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.