صورتحال جي حساسيت جو ڪنھن کي اندازو آھي؟

تحرير: فرهاد رند

حڪومتي وزيرن جي چوڻ موجب پاڪستان  جنگ  جي حالت ۾ آهي. بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ناراض ،هٿياربند مزاحمت ڪندڙ بھ اھو ئي  چئي رهيا آهن. جڏهن کان پاڪستان آمريڪا جي سرپرستيءَ ۾ افغانستان ۾ مداخلت جو سلسلو شروع ڪيو آھي، تڏهن کان ويندي اڄ 46 سال  جي ڊگھي عرصي گذرڻ دوران انتهائي ڏکيا مرحلا آيا. ان بسنت سان ڪيل تجربن ۽ حاصل ٿيل نتيجن باوجود، جنگي حالت واري صورتحال جئين جو تئين جاري آهي.اهو سلسلو آخر ڪيستائين يا ڪيتري وقت تائين جاري رهندو ؟

گذريل 46 سالن دوران ٺهندڙ حڪومتن جي دور ۾ بھ اسين اھو ئي ٻڌندا آيا آهيون، تھ ” هر جاءِ تي مقابلو ڪنداسين، تباھ ۽ ناس ڪري ڇڏينداسين، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آرام نه ويھنداسين“ وغيره وغيره. پرجيڪڏھن غور ڪجي تھ نتيجا ۽ زميني حقيقتون مختلف آهن، جن سڀني کي ڳڻتي ۾ وجھي ڇڏيو آهي.

اصل ۾ بنيادي مسئلو ھي آهي ته ” جنھن رياستي  اداري جيڪو  بنيادي فرض آهي، اهو ادارو اھو سڀ ڪجهه ته ڪري رهيو آهي پر پنهنجو پاڻ پنھنجي بنيادي فرض ادا ڪرڻ تائين  محدود رکڻ لاءِ تيار نھ آهي“. نه وري  روايتي دولتمند اشرافيه تي ٻڌل روايتي سياسي جماعتون ڪو مضبوط، جمهوري ۽ عوام دوست ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ نه ئي وري زميني حقيقتن جي روشني ۾ پاڪستان جي بنيادي ۽ مجموعي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ جو ڪو رستو اختيار ڪيو پيو وڃي.

پاڪستان هڪ وفاقي رياست آهي. پر نه ته وفاق ۾ شامل ايڪائين کي پنھنجي پنھنجي جاگرافيائي حدن جي اندر   موجود قدرتي ۽ انساني وسيلن کي پنهنجي پنهنجي صوبن جي عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي حق کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ نه ئي آزاد، منصفاڻين ۽ شفاف چونڊون ذريعي نمائندا حڪومتن کي تسليم ڪيو پيو وڃي.

اهو سلسلو نھ رڳو گذريل 77 سالن کان جاري آهي بلڪھ باقاعدھ  طاقت جي زور تي ڪٺ پتلي مھرا مسلسل مڙھيا پيا وڃن. جنهن سبب جيڪو لڳاتار لائو پچي رھيو ھو ھاڻي ان جي تپش سڄي ملڪ ۾ انتھائي شدت سان ۽ وڏي پئماني تي محسوس ڪئي پئي  وڃي.

اهو درست  آهي ته خيبرپختونخواھ ۾ ٻاھرين مداخلت سان خاص مذھبي عقيدن کي مڙھڻ جي نالي تي دھشتگرد حملن ۾ ملوث آھن ۽ اھو بھ سچ آھي تھ  بلوچستان ۾ بار بار آپريشن ڪرڻ جي نتيجي ۾ ۽ بلوچستان جي عوام کي بنيادي حقن ۽ حڪمراني واري حق کان  محروم رکڻ جي نتيجي ۾ اتي بھ جنگي حالت  ھڻاي آپگھاتي بمن تائين پھچي چڪي آھي.

پر ڇا اها حقيقت ناهي ته سنڌ جو عوام پڻ حڪمرانن جي پاليسين خاص ڪري سنڌو درياءَ جي پاڻي کي موڙڻ لاءِ نوان واهه کوٽڻ، پراڻن واهن جي گنجائش وڌائڻ، ارسا جي قاعدن ۽ ضابطن ۾ زوري ڪيل هڪ طرفي ترميمن ڪرڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي لکين ايڪڙ زمين ملڪي ۽غيرملڪي سرمائيدارن ، ڪمپنين ۽ غير واسطيدار ادارن حوالي ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج آهن؟

ڇا اها حقيقت ناهي ته سرائيڪي وسيب جو عوام به حڪمرانن جي پاليسين کان بيزار ۽ تنگ اچي چڪو  آهي؟ ڇا اهو سچ ناهي ته پنجاب ۾ ھن وقت هزارين شهرين، شاگردن، عورتن، ھارين ۽ آبادگارن، دانشورن، صحافين، وڪيلن ۽ مختلف سياسي پارٽين خلاف نه رڳو ڪيس داخل آهن،بلڪھ اھي يا تھ جيلن ۾ بند آهن يا ڀڄڻ تي مجبور آهن؟ جڏهن ته تقرير ۽ لکڻ جي آزادي سميت شهري آزادين تي بندش مڙھي وئي آھي؟

اهڙي طرح ٿوري ايمانداري سان جواب ڏيو ته ڇا ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي عوام جي وڏي اڪثريت پڻ حقيقي طور تي پاڪستان جي حڪمرانن جي پاليسين مان  مطمئن آهي؟ انھن مجموعي حالتن ۾ پاڪستان جي مختلف صوبن ۾ ”جنگي حالت  ۽ مقابلي بازي“ واري فضا کي برقرار رکڻ جي عمل کي  ڪهڙي ريت درست قرار ڏنو وڃي ؟

حڪمران بيشڪ  مختلف صوبن کي ھڪ ٻئي جي خلاف آمھون سامھون آڻي استعمال ڪري ڪن يا حالتن کي رڳو ھڪ صوبي يا ٻن صوبن جو مسئلو بڻائي ڪري بيان ڪن ٿا.پر حقيقت ھي آھي تھ ھي پاڪستان جي وفاق ۾ شامل سموريون قومي وحدتون ۽ لاڳاپيل رياستن جي عوام جا بنيادي مسئلا آھن.حڪمران خود اھو چئي ڪري ان حقيقت و اعتراف ڪن ٿا تھ ”سڄو ملڪ جنگي حالت ۾ آھي”

سڄي ملڪ جون حالتون ۽ واقعا هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿين ٿا،بلڪھ ھڪ ٻئي سان ڳنڍيل ھوندا آھن. حڪمران 77 سالن کان اقتدار ۾ آهن ۽ اھو ئي چون پيا تھ ”اسين ھين ڪري ڇڏينداسين ۽ ھون ڪري ڇڏينداسين،مقابلو ڪنداسين “ اھڙيون وڏيون دعوائون تھ ڪندا آيا آھن.پر  زميني حقيقتون ۽ حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون پيون وڃن. آخر ڊگھي عرصي کان مسلسل آزامائڻ ۽  مسلسل ناڪام نتيجن جي باوجود  ان مخصوص مائينڊ سيٽ جي ڪيفيت مان ھٿ ڇو نھ پيا ڪڍن ؟ آخر  پنهنجي غلط پاليسين، مداخلت، غلط ترجيح ۽ غلط روين جو اعتراف ڇو نٿو ڪيو وڃي ؟آخر اڪثريتي عوام جي  اقتدار اعليٰ   کي تسليم ۽ بحال ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ جڏهن ملڪ جي مجموعي سياسي، انتظامي، معاشي ۽ سماجي حالت  بهتر بنائڻ لاءِ متبادل، موثر،  عمل جوڳا آپشن موجود آهن. ان ھوندي بھ ”پاڪستان کي مسلسل جنگ جي ميدان، مقابلي بازي يا جنگي حالت ۾ رکڻ جو آخر ڪهڙو جواز آهي.“؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.