سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ جو جهر جنگ پڙلاءُ

تحرير: غلام حسين جوڻو

جيئن ته، ارسا جي قانون ۾ ترميم ڪري، پنجاب ۾ سنڌو درياءَ تي ڇهه نوان ڪئنال ٺاهڻ لاءِ، بل تي صدر صاحب دستخط ڪري ڇڏيا آهن. ان ڏينهن کان وٺي، نون ڪئنالن ٺاهڻ جي خلاف سنڌ واسين پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي. سنڌي ماڻهو سراپا احتجاج بنجي ميدان ۾ نڪري پيا آهن. صرف هڪ پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ ماڻهو خاموش آهن. باقي سمورا طبقه فڪر جا ماڻهو هڪ پليٽ فارم تي متحده ومتفق ٿيندا پيا وڃن ۽ ڄاڻايل ڪئنالن جي خلاف جدوجهد ڪرڻ شروع ڪئي اٿن. روزانه اخبارن ۾ اهڙيون خبرون اچي رهيون آهن ته سنڌ جو عوام انهن ڪئنالن جي خلاف آهي. حڪومت کي اهو فيصلو واپس وٺڻ گھرجي. هر، شهر توڙي ڳوٺ ۾ هن حڪومتي فيصلي جي خلاف ريليون نڪري رهيون آهن. جلسا ڪيا پيا وڃن. پريس ڪانفرنسون ٿي رهيون آهن. احتجاج وڌندا پيا وڃن، ڌرڻا لڳي رهيا آهن، جذباتي نعرا لڳن پيا ۽ تقريرون ڪيون پيون وڃن. جن ۾ ڪابه گھٽتائي ڪونه ٿي رهي آهي. پر، تيزي سان واڌ ٿيندي پئي وڃي. سنڌ جو شعور جاڳي پيو آهي. عوام ڪاوڙ ۽ غصي ۾ آهي. خاص ڪري سنڌ جي سڄڻن، گھڻ گھرن، خيرخواهن ۽ ساڃاه وندن کي انتهائي جوش ۽ جذبو آهي. هو، ڪاوڙ جو اظهار ڪندا پيا وتن.

بهرحال“ سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ” ۾ تقريبن سڀ پارٽيون حصو وٺي رهيون آهن. تازو جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو“ سنڌو بچايو تحريڪ” به شروع ڪري ڏني آهي. ان سلسلي ۾، هن شهدادڪوٽ ۾، زبردست احتجاجي مارچ ڪيو آهي. جنهن ۾ سنڌ جا هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا آهن. جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو، صحافين جي هڪ سوال جو، جواب ڏيندي چيو ته، سنڌو درياء هن وقت مشڪل صورتحال ۾ آهي. سنڌو درياءَ جي تباهي ٿي رهي آهي. جنهن خلاف، اسان سڀني کي متحد ٿي “درياءَ بچايو ملڪ بچايو” تحريڪ هلائڻ گھرجي. سنڌو دريا جي اپ اسٽريم ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو ان جو سنڌ کي نقصان پهچندو. هن ريلي ۾ ٻيا به ڪيترائي اڳواڻ شريڪ ٿيا. جن مان ڪن خطاب به ڪيو ۽ پنهنجي موقف جي آگاهي به ڏني.

ٻئي طرف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو صدر سيد زين شاهه به نون ڪئنالن ٺاهڻ جي خلاف ڀرپور تحريڪ هلائي رهيو آهي. ان تحريڪ ۾ هن سان گڏ ٻيون به ڪيتريون ئي قومپرست ڌريون آهن. هن سنڌي ماڻهن کي سڄاڳ ۽ بيدار ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ جو دورو ڪرڻ شروع ڪيو آهي. عوام کي اهو پيغام ڏيئي رهيو آهي ته، سنڌو درياءُ تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي. سنڌو تي نوان ڪئنال ٺاهيا پيا وڃن. جن جي ٺهڻ سان سنڌ جون زمينون بنجر، ويران ۽ غيرآباد ٿي وينديون. سنڌ جو وڏي ۾ وڏو نقصان ٿيندو. اهو فيصلو سنڌ واسين کي هرگز ۽ ڪنهن به قيمت تي قبول نه آهي. سيد زين شاهه جي جدوجهد جاري وساري ۽ هلندڙ آهي.

جسقم پارٽي جي طرفان تنگواڻي ۾ هڪ ريلي ڪڍي ويئي. جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي اڳواڻي ۾ سنڌو درياءَ جي وارثي ۽ مالڪي ۽ سنڌ جي شهرن ۾ امن وامان  جي بحالي لاءِ ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ضلعي جي شهر تنگواڻي ۾ پيادل مارچ ۽ ريلي ڪڍي ويئي. جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. جن هٿ مٿي ڪري سنڌو درياءَ مٿان ٺهندڙ ڇهه نون ڪئنالن کي رد ڪري ڇڏيو. قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه جو چوڻ آهي ته، سنڌو درياءَ ۽ زمينون وڪرو ڪيون ويون آهن. سوشل ميڊيا تي دانهڻ سان مسئلا ڪڏهن به حل ڪونه ٿيندا. لاڳيتو جدوجهد جي ضرورت آهي. پ پ پ اقتدار خاطر سنڌ دشمن فيصلا ڪري رهي آهي. حڪمرانن جي ايجنڊا صرف پئسي جي ڦرلٽ آهي. اسان جي هن جدوجهد ۾ عورتون اڳيان اچن ته جيئن سنڌو درياءَ جي حفاظت ڪري سگھون. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته، سنڌو درياءَ جي پاڻي تي سنڌين جو قانوني، دائمي ۽ آفاقي حق آهي. ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ زندگي جو سهارو کسجڻ نه ڏيندا. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گھربل پاڻي نه ڇڏڻ سبب، سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ سمنڊ اڳتي وڌي رهيو آهي. سنڌ جون زمينون ڳڙڪائي رهيو آهي. ٻئي طرف سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڳوٺ موندر لاکا کان ارٿر شاخ تائين مارچ ڪيو ويو. اها ريلي وڏي جلسي جي شڪل اختيار ڪري ويئي. اتي سنڌ واسين يڪراءُ ٿي پرجوش نعرو هڻندي چيو ته، سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال ۽ ڊئم ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن. ياد رهي ته اها مارچ عوامي تحريڪ جي طرفان ڪئي ويئي هئي.

ميرپورخاص ۾ نون ڪئنالن ٺاهڻ جي خلاف ڌرڻو هنيو ويو. “ڪلائيمينٽ اسٽرائڪ سنڌ فورم” جي سڏ تي ريلي ڪڍي پريس ڪلب جي آڏو احتجاج ڪيو ويو. جسقم آريسر جي سڏ تي سڪرنڊ ۾ ريلي پڻ ڪڍي ويئي. جسقم آريسر جي ڪارڪنن، چيئرمين اسلم خيرپوري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. سنڌياڻي تحريڪ جي طرفان پڻ سترهين نومبر تي ڪراچي ۾ ريلي ڪڍي ويندي. هن وقت عوام سڄاڳي مهم جاري آهي. ان سلسلي ۾ سنڌياڻي تحريڪ طرفان ٺٽو، ڄامشورو، سانگھڙ ۽ ٽنڊو محمد خان سميت مختلف ضلعن جا دورا ڪري عورتن کي ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي.

ياد رهي ته هن وقت سنڌ جون قومپرست ڌريون ڳوٺن ۽ شهرن ۾ نڪري پيون آهن. ماڻهن سان رابطا ڪري رهيون آهن ۽ کين سمجهائي رهيون آهن ته، هاڻ سربڪف ٿي ميدان تي نڪري پئو. سنڌو درياءَ تي لڳندڙ ڌاڙي جي خلاف گڏجي سگھارو ۽ طاقتور آواز بلند ڪريو. ان سلسلي ۾، جسقم آريسر جو چيئرمين اسلم خيرپوري تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺن جو دورو ڪيو ۽ مختلف ڳوٺن ۾ اهو پيغام ڏنو ته، اسان جو ساٿ ڏيو. اسان جا هٿ مضبوط ڪريو ته حڪومت جي ڪيل سنڌ دشمني وارن فيصلن ۽ ڇهن ڪئنالن جي خلاف جدوجهد ڪريون.

اهو آواز هر شهر ۽ ڳوٺ مان ٻڌڻ ۾ اچي پيو ۽ ان جو پڙلاءُ هر هنڌ پئجي رهيو آهي. سنڌ جو ڪوبه ماڻهو ان فيصلي جي حمايت ۾ ڪونه آهي. سرڪار سڳوري کي گھرجي ته، سنڌ جي عوام جي هن مطالبي کي نظر ۾ رکندي اهو فيصلو واپس وٺي. ٻئي حالت ۾ اها تحريڪ زور وٺندي ويندي. پوءِ خبر ناهي ته ڪٿي هلي دنگ ڪندي. ان باري ۾ في الحال ڪجهه چئي نه ٿو سگھجي. شريعت، قانون ۽ آئين موجب هر درياءَ تي پوڇڙي وارن جو حق آهي سنڌو درياءَ تي به سنڌين جو حق آهي. جيڪو انهن کان زور تي کسيو پيو وڃي. جنهن خلاف جهرجهنگ تحريڪ شروع ٿي چڪي آهي ۽ زور وٺندي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.