سنڌ جو عام ماڻھون ھن ايڪھين صديءَ ۾ بھ بدامني،مھانگائي،بيروزگاري،غربت،صحت ۽ تعليم جھڙين سھولتن کان وانجھيل آھي.حڪومت پاران ھن وقت تائين ڪنھن رواجي رليف نھ ملڻ سبب ماڻھن جي زندگيءَ جو معيار جئين پوءِ تئين ھيٺ ڪِري رھيو آھي.قانون لاڳو ڪندڙ ادارا شھرين ۽ پورهيتن جي پگھر جي ٽيڪس مان پگھارون کڻن ٿا پر عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن. عام شھري توڙي ڳوٺاڻو پنھنجي گھرن ۾ به محفوظ نھ آھن.
اتر سنڌ جي ضلعن ۾ اغوا جي واقعا جاري آھن.ھاڻي تھ ڏوھاري ڏينھن ڏٺي جو ھٿيارن جي زور تي ماڻھن کي اغوا ڪري رھيا آھن.ڏوھارين جو سافٽ ٽارگيٽ سنڌ جو ھندو واپاري ۽ سکيو ستابو ماڻھون آھي.ٻين علائقن ۾ بھ ڏينھن توڙي رات جو مسافرن جي لاءِ ڪو رستو محفوظ نھ آھي.جنھن ڪري سنڌ جو عام ماڻھون مايوسي جو شڪار آھي.حڪومت ۽ ان جون اختياريون ڪنھن اڻ وڻندڙ واقعي بعد رواجي بيان ڏئي ڪري مسئلن کي حل ڪرڻ جو اعلان ڪنديون آھن.پر تاحال سنڌ ۾ امن امان قائم نھ ٿي سگھڻ جي ڪري ماڻھون ڳوٺن کان شھرن ۽ ٻين ملڪن ڏانھن لڏپلاڻ ڪري رھيا آھن.ڪشمور،ڪنڌڪوٽ ضلعو پوليس وارن ۽ حڪمرانن جھڙو ڪر ڏوھارين کي ليز تي ڏئي ڇڏيو آهي. ڪو ڏينهن خالي نٿو وڃي جو ڪا نھ ڪا واردات نھ ٿيندي ھجي. پوليس آفيسر ۽ عملدار ضلعي ۾ امن قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام نظر اچي رھيا آهن.
سنڌ جي متاثر ماڻھن جو اھو سوال ڪنھن بھ ريت غلط نھ آھي تھ ھنن کي امن ڏنو وڃي. حڪومت جو اصل ڪم ئي عوام جي زندگيءَ جي معيار کي بھتر بڻائڻ ۽ قانون موجب عام ماڻھون کي حق ڏيارڻ ۾ مدد ڪرڻ ھوندو آھي.پر ووٽ وٺڻ وقت وڏا ڪندڙ جماعت اقتدار ملڻ بعد انھن کي وساري ويھي ٿي رھي.
ھن وقت عوام مھانگائي جي ڪري، بيروزگاي، بدامني ۽ ڌاڙيلن جي آزار سبب تنگ اچي ويو آھي.جنھن جو اصل سبب ھي آھي تھ حڪومت کي عوام جي مسئلن ۾ ڪابھ دلچسپي نھ آھي.
مھانگائي جي طوفان ماڻھن جو رت ست بھ نپوڙي ڇڏيو آھي،عام واھپي جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي سبب غربت وڌي آھي ۽ عوام جي زندگيءَ جو معيار وڌيڪ ھيٺ ڪرندو پيو وڃي. بجلي، پيٽرول ۽ گيس جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافي عام ماڻهو کي سخت متاثر ڪيو آهي.جنھن ڪري غربت جي لڪير کان هيٺ گھاريندڙن جي انگ ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿي رھيو آھي.
ھاڻي تھ سنڌ ۾ امن بھ بنيادي مسئلو بڻجي ويو آھي.جيڪڏھن حڪومت انتھاپسندن اڳيان جھڪيل آھي، ڏوھارين اڳيان ۽ موجود مافيائن اڳيان بيوس آھي تھ پوءِ حڪومت ۾ ويٺل ماڻھون حڪومت ڪرڻ جو اخلاقي جواز وڃائي چڪا آھن.ان جو حل تھ اھو ئي آھي تھ اخلاقي جرئت جو مظاھرو ڪندي عوام آڏو ناڪامي جو اعتراف ڪيو وڃي.
رياست جي تشريح ھي آھي تھ چونڊجي آيل يا چونڊرايل ڌر کي پارليامينٽ جوڙي ان ۾ ملڪ جي مفادن ۽ عوام جي حقن لاءِ قانون جوڙڻو ھوندو آھي،جنھن تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ ايوان ۾ اڪثريت رکندڙ ڌر کي حڪومت ڏبي آھي،جيڪا ان تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ سسٽم جوڙيندي آھي.صورتحال ھي آھي پر ڳچ عرصي کان سنڌ جي ماڻھن کي گھربل ۽ بنيادي اھم سھولتن نھ ملڻ ڪري انھن ۾ ڳڻتي وڌي وئي آھي.
سنڌ ۾ ھڪ مڪمل حڪومت آھي ۽ جنھن جماعت جي حڪومت آھي ان کي ڪنھن ٻي ڌر جو محتاج ٿيڻو پڻ نٿو پئي ان ھوندي بھ اھا حڪومت سنڌ جي ماڻھن جا بنيادي معاملا حل ڪرڻ ۾ ڪامياب نھ ٿي رھي آھي.سنڌ جو ماڻھون ٻٽي ظلم جو شڪار آھي، ھڪ تھ ڌاڙيلن، چورن ۽ ڦورن ھن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آھي ٻيو تھ حڪومت ڪنھن بھ سطح تي اھو احساس ڏيارڻ ۾ ڪامياب نھ ٿي آھي تھ اھا عوام جو ڀرجهلو ٿيڻ لاءِ تيار آھي.
سنڌ جي اختيارين کي ھن حساس معاملي ڏانھن جوڳو ڌيان ڏئي ڪري عوام سنڌ جي ماڻھن کي امن ڳولي ڏيڻ گھرجي جيئن اھي ھن ايڪھين صديءَ ۾ جئيڻ جي حق کان محروم نھ رھجي وڃن.سنڌ ۾ جيڪڏھن رڳو لاڳو ڪيل قانون تي مڪمل طور تي عمل ڪيو وڃي تھ بھ عوام جا ڪافي مسئلا حل ٿي سگھن ٿا،پر بدقسمتي سان سنڌ ۾ قانون تي مڪمل طور عمل نھ ٿي رھيو آھي.
ٻئي پاسي سنڌ سڪائڻ واري وفاق جي سازش خلاف سنڌ ۾ تحريڪ جاري آھن،سنڌ جون سموريون سياسي ڌريون ان کي سنڌ خلاف منظم سازش قرار ڏئي ڪري ميدان تي نڪري آيون آھن.وفاق جي سنڌو درياھ مان غيرقانوني طور تي ڪئنال ڪڍي سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي ھڻڻ واري عمل بھ سنڌ ۾ ھڪ چڙ ۽ ڪاوڙ جي ڪيفيت کي جنم ڏنو آھي. سنڌ جي ماڻھن جو خيال آھي تھ ھڪ تھ اڳي ئي سنڌ سان ناڻي ۽ پاڻي جي معاملن ۾ ناجائزيون ڪيون ويون آھن. اڳي ئي سنڌ سان سرڪاري معاھدن موجب طيھ ڪيل پاڻي نھ ملي رھيو آھي.جنھن ڪري سنڌ جو زرعي شعبو شديد متاٿر ٿي رھيو آھي.مٿان وري غيرقانوني طور تي وفاق ضد ڪري ھڪ ئي وقت 6 ڪئنال ڪڍي رھيو آھي، جنھن سان سنڌ ۾ پاڻي جي اڳي کان وڌيڪ کوٽ پئدا ٿيندي.جنھن جو سنڌ ۾ اڳي ئي موجود غربت تي خطرناڪ اثر پوندو،بيروزگاري وڌندي،زراعت تباھ ٿي ويندي.
غربت ۽ بيرزگاري ڪيترين ئي سماجي ڏوھن کي جنم ڏيڻ جو سبب بڻجن ٿيون.اھو ئي سبب آھي جو سنڌ جو ماڻھون اھڙي ڪنھن امڪاني صورتحال جي خوف جون دانھون ڪري رھيو آھي.پر بدقسمتيءَ سان سنڌ جي ماڻھون جو آواز حڪومت ۽ ان جون اختيارون ڪنائڻ جي لاءِ تيار نھ آھن.جنھن جو پورائي نھ ٿي سگھڻ جھڙو نقصان ٿي سگھي ٿو.
سنڌ ۾ بدامني،بيروزگاري ۽ مھانگائي اھڙي مسئلا آھن جيڪڏھن حڪومت عملي طور تي ان ۾ دلچسپيءَ وٺي ڪري انھن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري تھ ان جا بھتر نتيجا اچي سگھن ٿا.گھٽ ۾ گھٽ پوليس ڪارڪردگيءَ بھتر بڻائڻ،واپارين جي ناجائزين،ذخيرا اندوزي، ھٿرادو عام واھپي جي شين جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ تھ حڪومت جوڳا قدم کڻي سگھي ٿي.جيڪو ڪجهه حڪومت جي لاءِ آسان ھجي اھو بھ ٿيندو نظر نھ اچي تھ پوءِ سنڌ جو ماڻھون اھو سمجھڻ ۾ حق بجانت آھي تھ سنڌ عام ماڻھون جي لاءِ ڪجھه بھ ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھي.