لاهور (امداد سومرو) نواز شريف ۽ مريم نواز جنيوا پهتا ته اها جهالت سندن پٺيان پهتي. هڪ عورت اتي وڊيو ڀريندي دانهون ڪيون ته ”هي ڏسو فارم 45 وارا، اسان جي پيسن تي عياشي ڪري رهيا آهن، پيءُ ۽ ڌيءُ ڏسو بيمار ئي نٿا لڳن.“ هي سمجهن ٿا ته بيمار ماڻهو هر وقت اسٽريچر تي هجي يا ماڻهو کين سهارو ڏئي وٺي وڃن. عورت چوي ٿي ته ”هي ڏسو فضول ۽ جاهل ماڻهو. “ ڪنهن کي روڊ تي روڪڻ وارو جاهل هوندو آهي يا اهو جيڪو جهالت جو جواب ڏيڻ کانسواءِ خاموشي سان هليو وڃي ٿو؟ ڪو بني گالا ۾ جاهل آهي ته زمان پارڪ ۾ جاهل هوندو ۽ لنڊن، آمريڪا ۽ جنيوا ۾ اها جهالت جيئن جو تيئن رهي ٿي. ان احتجاج کي سڄي دنيا ۾ اَسلٽ سمجهيو ويندو آهي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 11 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو