هرنائي ۾ هٿياربندن ڪوئلي سان ڀريل ٽن ٽرڪن کي باهه ڏئي ڇڏي

هرنائي (رپورٽ: يار محمد بروهي ) ڪوئيٽا ڌماڪي کانپوءِ بلوچستان مان هڪ ٻي انتهائي افسوسناڪ خبر سامهون آئي آهي بلوچستان جي علائقي هرنائي زيارت مين روڊ تي مانگي ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن ڪوئلي سان ڀريل ڪيترن ئي ٽرڪن کي باهه ڏئي ڇڏي. هي ٽرڪ هرنائي جي علائقي شاهرگ ڪوسٽ مان ڪوئلو کڻي وڃي رهيا هئا.هٿياربندن ٽن ٽرڪن کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ شديد فائرنگ ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر زيارت لياقت علي ڪاڪڙ موجب ايس پي هرنائي جي گاڏي تي به فائرنگ ڪئي وئي، ايس ايس پي هرنائي محفوظ رهيو پر سندس هڪ گن مين زخمي ٿي پيو. پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي جي ڪيترن ئي هنڌن تي سرچ آپريشن ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.