ڇا آءِ سي سي پاڪستان کي به ڀارت سان نه کيڏڻ جي اجازت ڏيندي؟

تحرير: زرار پيرزادو

¨ ۽ نيٺ ڀارت، پاڪستان ۾ ٿيندڙ چيمپيئنز  ٽرافي ۾ نه کيڏڻ جو فيصلو  ڪندي  آءِ سي سي کي آگاهه  ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪالهه آءِ سي سي وري  پي سي بيءَ کي پڻ اهڙو  اطلاع ڏئي ڇڏيو آهي.

¨ ڀارت پنهنجيون ميچون عرب امارات يا ڪنهن ٻئي نيوٽرل وينيو تي کيڏڻ جو ارادو  رکي ٿو پر هن ڀيري پاڪستان ان جو سخت مخالف آهي.تنهن ڪري اهو ٽورنامينٽ متاثر به ٿي سگهي ٿو.

 

¨ اها نتهائي افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته ڀارت ڪرڪيٽ ۾ به سياست ڪري رهيو آهي ۽ سياسي بنياد تي پاڪستان سان پاڪستان ۾ نه کيڏڻ تي بضد آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي پاڪستان هر جڳهه تي ايستائين جو گذريل ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت به کيڏڻ ويو هو ۽ سمجهيو پئي ويو ته  ان سان ڀارت تي اخلاقي دٻاءُ    پوندو  پر ائين نه ٿي سگهيو آهي.

¨ اها به دلچسپ ڳالهه آهي ته ڀارت جو  اهو بائيڪاٽ رڳو ڪرڪيٽ جي راند تائين محدود آهي باقي ٻين راندين جون ٽيمون پاڪستان کيڏڻ وينديون آهن پر  ڀارت جو ضد رڳو پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ نه کيڏڻ تي هوندو آهي.

¨ جڏهن ته آءِ سي سي وٽ اهو مثال پڻ موجود آهي ۽ اهو  ڀارت کان بلڪل به پڇڻ ۾ حق بجانب آهي ته جيڪڏهن اوهان ٻيون رانديون پاڪستان ۾ کيڏڻ لاءِ ويندا آهيو ته باقي ڪرڪيٽ نه کيڏڻ تي ضد ڇو آهي؟ پر  آءِ سي سي کي به ڀارت کان پڇا ڳڇا جي همت نه آهي.

¨ ڀارت جي حڪومت جي ڀلي ڪهڙي به پاليسي هجي پر حيرت آهي ته آءِ سي سي ڀارت کي ڪرڪيٽ ۾ به سياست ڪرڻ جي اجازت ڏئي رهي آهي ۽ ان خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي ڪري.

¨ هاڻي سوال اهو  پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن پاڪستان به اڳتي ڀارت سان احتجاج طور ڪڏهن به نه کيڏڻ جو اعلان ڪري ته ڇا آءِ سي سي ان کي به اهڙي جازت ڏيندي؟ عام تاثر اهو آهي ته پاڪستان کي اهڙي اجازت نه ملندي ڇو ته پاڪستان آءِ سي سي ۾ ايڏو اثر رسوخ نه ٿو رکي جيڏو ڀارت ٿو رکي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته آءِ سي سي جو ادارو به اقوام متحده جهڙو آهي. جيئن اقوام متحده سپر پاور ملڪ آمريڪا  جو ذيلي ادارو لڳندو آهي ۽ ان جي ونگار وهندو آهي تيئن آءِ سي سي به ڀارت جي اثر رسوخ هيٺ هوندو آهي ڇاڪاڻ ته ڀارت آءِ سي سي لاءِ ڪمائو پٽ آهي ۽ گهڻي کان گهڻو اسپانسر  ڏيندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.