آمريڪي صدارتي چونڊن جو پڙاڏو ۽ ان تي وڏي پئماني تي تبصرا پاڪستان ۾ بھ ڪيا پيا وڃن، اھا ھڪ وڏي حقيقت آھي تھ ٽرمپ جي آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ دنيا ۾ وڏيون تبديليون اينديون.پاڪستان ۾ ان ڪري گوڙ وڌيڪ آھي جو پاڪستاني سياستدانن نھ رڳو ٽرمپ جي مخالفت ڪئي ھئي بلڪھ جيڪي بيان ڏنا ھئا اھي ھر طرح سان نامناسب ھئا.چونڊ نتيجن بعد ھاڻي اھي سڀئي سياستدان جھڪي ڪري سلام پيش ڪري رھيا آھن.انھن تي اھو خوف سوار آھي تھ ٽرمپ جي کٽڻ بعد عمران خان جي واپسي جو رستو سڌو نھ ٿي وڃي.
اھو خوف ھڪ حد تائين درست ٿي بھ سگھي ٿو پر آمريڪي صدر وٽ سڀني کان وڌيڪ ترجيح آمريڪي معيشت آھي غيرقانوني آيل مھاجرن جي واپسي ۽ مقامي صنعت کي فروغ ڏئي ڪري چين جي شين جي مارڪيٽ ۾ پکڙڻ کي روڪڻ پڻ آھي.عالمي مفادن تحت عالمي تڪرارن جو خاتمو ۽ چين جي وڌندڙ اثر کي روڪڻ پڻ ان جي اوليت ۾ شامل آھي.آمريڪي عوام جي خوشحالي انھن جي حقن کي تحفظ ڏيڻ پڻ آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر جي اوليت ۾ شامل آھي.جنھن ۾ مھانگائي جو خاتمو شامل ھوندو، ھو يوڪرين جي جنگ مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، وچ اوڀر جي باري ۾ ھو ھڪ نئين پاليسي آڻي سگھي ٿو.اھو بھ ٿي سگھي ٿو تھ ھو پاڪستان جي باري ۾ ھڪ موقف اختيار ڪري پر اھو ڪڏھن ٿيندو ان جو انداز ايندڙ وقت ۾ ٿيندو.پاڪستان جي اندروني مسئلن جو حل پاڪستان جي عوام ۽ سياسي جماعتن ۽ اقتدار ۾ ويٺل حلقن کي طئه ڪرڻو آھي.
ھن وقت پاڪستان ادارن جي زوال ۽ غيرفعال ھجڻ واري بحران ۾ مبتلا آھي. اھو سلسلو پاڪستان جي قائم ٿيڻ بعد آھستي آھستي ھلندو پيو اچي.پر گذريل ٽن سالن ۾ ان ۾ گھڻي تيزي اچي وئي آھي.ملڪ جي مقننھ ۽ اقتدار ۾ ويٺل سياسي جماعتون عوامي حمايت کان محروم آھن. عدليھ آزاد ناھي رھي.احتساب کان عاري ۽ پيشھ وري صلاحيتن کان بھ محروم آھي.ملڪ جا اھم ادارن ۽ عوام وچ ۾ تمام گھڻيون وڇوٽيون پيدا ٿي چڪيون آھن.ادارن کي مستحڪم بڻائڻ وارا ملڪ ترقي ڪن ٿا.ادارن جي ڪمزوري ملڪکي ڪمزور ڪري ڇڏي ٿي،جپان تي ائٽمي حملو ٿيو،وڏي تباھي پکڙي پر ان ادارن کي بچائي ورتو،انھن کي مضبوط بدعنواني کان پاڪ رکيو،عدليھ کي وڌيڪ آزاد ۽ مضبوط ڪيو،چونڊ عمل کي شفاف بڻايو،سياسي جماعتن کي سگھارو ڪيو.ايمانداري ۽ ميرٽ کي اڳتي وڌائي ڪري ان حيرت م وجھندڙ ترقي ڪئي.
اپريل 2022 کان جيڪو بحران شروع ٿيو ان جي گھرائي تي ڌيان نھ ڏنو ويو آھي. اھا حقيقت آھي تھ بحران اوچتو پئدا نھ ٿيندا آھن.ان جي شروعات پاڪستان جي ٺھڻ جي ڪجهھ مھينن بعد ئي شروع ٿي وئي ئي.شديد سياسي مسئلا سامھون اچي ويا ھئا.ھڪ خرابي ان وقت شروع ٿي جڏھن 1947 کان پوءِ 1956 تائين آئين رڳو انڪري ٺھڻ نھ ڏنو ويو تھ اوڀر پاڪستان جي آباديءَ اولهھ پاڪستان کان وڌيڪ ھئي يعني آبادي جي لحاظ سان اوڀر پاڪستان 54 سيڪڙو ۽ اولھ پاڪستان 46 سيڪڙو ھو.تنھنڪري آباديءَ جي بنياد تي انھن کي وسيلن مان حصوڏيڻ کان روڪڻو ھو.ان مقصد جي لاءِ پيريٽي جي قانون کي ائين جو حصو بڻايو ويو يعني اولھه ۽ اوڀر پاڪستان برابر جي حصيدار ھوندا.اوڀر پاڪستان سان تعلق رکندڙ مقبول اڳواڻ حسين شھيد سھروردي عقلمندي جو مظاھروڪندي ان پيريٽي کي ان ڪري قبول ڪري ورتو جو ڪنھن بھ طرح آئين بڻجي وڃي.اھڙي ريت 1956 ۾ آئين جڙيو،حسين شھيد سھروردي وزيراعظم بڻجي ويو.اھو شھرين جي حقن جو علمبردار ھو.سرمائيدار،وڏين واپارين ۽ جاگيردار اھڙي صورتحال کان پريشان ٿي ويا.انھن صدر اسڪندر مرزا تي دٻاءِ وجھي ڪري وزيراعظم حسن شھيد سھروردي کي برطرف ڪرايو.اھا پاڪستان جي پھرين وڏي تباھي ھئي.اولھه ۽ اوڀر پاڪستان ۾ ايتري وڏي وڇوٽي پئدا ٿي وئي جو ان جو ڪو ازالونھ ٿي سگھيو.ھڪٻي تباھي ان وقت ٿي جڏھن جنرل ايوب خان جي پٺڀرائي تي اسڪندر مرزا 1956 جي آئين کي 7 آڪٽوبر 1958 تي ختم ڪري اسمبليون ئي ٽوڙي ڇڏيون.فيروز خان نون ۽ ان جي ڪابينا کي برطرف ڪري ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏي.27 آڪٽوبر تي جنرل ايوب خان اقتدار سنڀالي ورتو.اھري ريت جمھوريت ختم ٿي وئي ۽ مارشل لا جو ٻيو دور شروع ٿي ويو،1962 ۾ ايوب خان پنھنجو ھڪ ٻيو آئين آندو، اوڀر پاڪستان جي ماڻھن ۾ڪاوڙ وڌندي وئي، اولهھ پاڪستان ۾ بھ شاگردن،مزدرون ۽ ھارين تحريڪ ھلائي جنھن جي نتيجي ۾ ايوب خان کي اقتدار ڇڏڻو پيو.ھن اقتدار جنرل يحيٰ خان کي ڏئي ڇڏيو.
يحيٰ خان پاڪستان ۾ عام چونڊون ڪرايون،عوامي ليگ اڪثريت حاصل ڪري ورتي.پر ان کي اقتدار ڏيڻ بدران اوڀر پاڪستان تي فوج ڪشي ڪئي وئي.عوامي ليگ کي ھندستاني مدد ملي وئي ۽ پاڪستان ٻھ اڌي ٿي ويو.اھو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو سانحو ھو.جيڪڏھن ڳالھين جي ذريعي بنگلاديش جو اقتدار ڏنو وڃي ھا ۽ فوج ڪشي نھ ڪئي وڃي ھا تھ پاڪستان ھڪ سانحي کان بچي وڃي ھا.جيئن سوويت يونين ڪيوھو.سوويت يونين جا بھ ٽڪرا ٿي ويا پر رتوڇاڻ نھ ٿي.پولٽ بيورو جي اجلاس ۾ فيصلو ٿيو تھ سمورين رياستن کي آزاد ڪيو وڃي.بنگلاديش جي قائم ٿيڻ کانپوءِ ھاڻي رڳو اولهھ پاڪستان بچيو ھو،ذوالفقار علي ڀٽو ان پاڪستان جي وزيراعظم جي عھدي سنڀالڻ بعد 1973 ۾ ھڪ متفقھ آئين منظور ڪرايو بعد ۾ ان ۾ ترميمون بھ ٿيون.
1977 ۾ ساڄي ڌر جي جماعتن تي ٻڌل پاڪستان قومي اتحاد ذوالفقار علي ڀٽي تي ڌانڌلي جو الزام ھڻي ڪي سڄي ملڪ ۾ ُپرتشدد تحريڪ ھلائي.جنھن جو وجھھ وٺي جنرل ضياءَ الحق اقتدار تي قبضو ڪري ورتو.جنھن بعد ڀٽي جي وڌندڙ مقبوليت کان ڊڄي ڪري ھڪ ھٿ ٺوڪئي قتل جي ڪيس ۾ بڇ ڪرڻ جي ڏوھ ۾ عدالت جي ذريعي ڦاھي ڏئي ڇڏي.اھو ھڪ ٻيو وڏو سانحو ھو.ضياالحق جي دور ۾ ڪلاشنڪوف ۽ منشيات جي ڪلچر کي ھٿي ڏني وئي ۽ ھڪ وڏي خرابي 1985 ۾ نوازشريف جي پنجاب جي وڏي وزير بڻجڻ سان شروع ٿي.جيڪو جنرل ضيا جي سرپرستي ۾ اڳيان وڌندو رھيو ھو.ھن سياست ۾ جوڙ توڙ جي لاءِ دولت جو ڀرپور استعمال ڪيو.نتيجي ۾ ساست گدلاڻ ڀري ٿي وئي ۽ بدعنواني کي فروغ حاصل ٿيو.جنھن جي اثر کان پيپلزپارٽي بھ محفوظ نھ رھي سگھي ۽ آصف زرداري جي ميدان ۾ اچڻ سان سياست ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري ورتي.ڏي وٺ عام ٿي وئي پردي جي پٺيان ويٺل قوتن جو سياست ۾ عمل دخل وڌي چڪو ھو.جنھن بعد ھڪ ڀريو وري ملڪ جنرل مشرف جي مارشل لا جي اثر ۾ اچي ويو.ھو اٽڪل 9 سال اقتدار ۾ رھيو.
ٻئي پاسي بي نظير ڀٽو، آصف زرداري کي پٺتي ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ۽ پنھنجي زندگيءَ ۾ آصف زرداري جي لاءِ حدون مقرر ڪيون.پر ڊسمبر 2007 تي بي نطير ڀٽو جي شھادت بعد پيپلزپارٽي جا سمورا اختيار آصف زرداري کي حاصل ٿي ويا.2018 تائين پ پ پ ۽ ن ليگ ٽي ٽي ڀيرا حڪومتون ڪري چڪا آھن.ڪنھن بھ حڪومت شفاف چونڊن، ادارن کي مضبوط ڪرڻ، انتظاميھ کي سياسي معاملن کان جدا ڪرڻ ،بدعنواني جي خاتمي ۽ عوام جي خوشحالي تي ڪو ڌيان نھ ڏنو بلڪھ سموري ڌيان اقتدار کي ڊيگھه ڏيڻ تي ڏنو ويو.جنھن جي نتيجي ۾ ھن وقت ملڪ کي بدترين سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي.ماڻھن جو چونڊ عمل ۽ جمھوريت تان مڪمل اعتماد کڄي ويو آھي.جنھن ڪري انتھا پسند تنظيمون تيز رفتار ڀرتي جي ذريعي پنھنجي طاقت ۾ وڏي پئماني تي اضافوڪري سگھن ٿيون.ان مسئلي کي مقامي طور تي حل ڪرڻو پوندو.ٻاھر جي ڪا بھ طاقت اسان جي ادارن کي بھتر ڪري نھ ٿي سگھي.ٽرمپ جي ڪاميابي جي دنيا تي اثر پوندا پر ايمانداري جو رويو اسان جي بھتري جو پھريون شرط آھي.