دهشت گردي جا التوا هيٺ مقدما سڀني کان وڌيڪ سنڌ ۾ هجڻ جو انڪشاف !؟

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ سپريم ڪورٽ ۾ التوا وارن ڪيسن بابت اهم اجلاس ٿيو  جنهن ۾ مالي ۽ دهشت گردي جي معاملن  جا ڪيس التوا ۾ هجڻ جي نشاندهي ڪئي وئي. چيف جسٽس  چيو ته سپريم ڪورٽ ۾97 ارب روپين  جا 3 هزار  496 ڪيس التوا ۾ پيل آهن. انهن مالياتي ڪيسن جي اُڪلاءُ  لاءِ 5 رڪني ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي جيڪا مالياتي ڪيسن جي درجا بندي ڪري انهن  جي جلد ٻڌڻي لاءِ سفارش ڪندي. انهيءَ  اجلاس ۾ اهو به  انڪشاف ڪيو ويو آهي ته دهشت گردي جا به تمام گهڻا ڪيس التوا ۾ پيل آهن ۽ اهڙن التوا پيل دهشت گردي جي ڪيسن ۾ سڀ کان گهڻا سنڌ جا آهن. دهشت گردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻه هزار کان وڌيڪ ڪيسن مان 1300 ڪيس رڳو سنڌ جا آهن جيڪي رولڙي جو شڪار  آهن. ان اجلاس ۾ انصاف جي  تڪڙي ۽ موثر فراهمي کي يقيني بڻائڻ واري  چئلنج  جو جائزو  ورتو ويو.  چيف جسٽس انهن ڪيسن کي جلد اڪلائڻ جي هدايت ڪئي. ان کان علاوه انصاف جي پهچ ۽ ترسيل بابت مختصر ۽ وچولي مدي واري پاليسي جو جائزو پڻ ورتو ويو. رپورٽ موجب عدالتي سڌارن جي نئين ڍانچي جي ٺهڻ ۽ ان تي عملدر آمد لاءِ سمورن اسٽِيڪ هولڊرن کان راءِ ورتي پئي وڃي. شروعاتي طور تي مختلف  پس منظر رکندڙ ماهرن، عدالتي عملي، عدالتي نظام جي اهم ڪردار يعني وڪيلن جي تنظيمن کان راءِ  ورتي پئي ڃي. عدالتي سڌارن کي حتمي  شڪل ڏيڻ کان اڳ عوام سان مشاورت ڪئي ويندي.

انهيءَ  ۾ ڪو شڪ ناهي ته پنهنجي ملڪي عدالتي نظام تي سڀ کان وڏي تنقيد  اها ئي هوندي آهي ته ڪيسن جو اڪلاءُ ناهي ٿيندو، ماڻهن جون عمرون  ختم ٿي وينديون آهن پر سندن ڪيس اڪلائجي نه سگهبا آهن جنهن نتيجي ۾ عوام کي تڪڙو انصاف نه ملي سگهندو آهي هاڻي جڏهن مسلم ليگ (ن)۽ پ پ جي اتحادي حڪومت 26 هين عدالتي ترميم آندي آهي ته ان جو مقصد اهو ڄاڻايو  پيو وڃي ته ان سان عام ماڻهن جا عدالتي ڪيس تيزي سان اڪلائبا ۽ عدالتن کي سياست کان پاڪ ڪيو ويندو. اهو به چيو ويو ته عدالتن جو سياسي ڪيسن تان ڌيان هٽائبو ته اهي عوامي ڪيسن کي اڪلائينديون. جڏهن ته حڪومت مخالف جماعتن ۽ غير جانبدار حلقن ۾ به اهو  تاثر آهي ته حڪومت جي نون  عدالتي قانونن سان حڪومت اصل ۾ عدالتن کي پنهنجي ماتحت ڪري ڇڏيو آهي، ان جا هٿ ٻڌي ڇڏيا آهن.

اها به حقيقت آهي ته نئين قانون موجب هيل ٽن سينئر ججن مان پارلياماني ڪميٽيءَ کي ڪو به هڪ چيف جسٽس چونڊڻ جو اختيار  مليو آهي جڏهن ته پراڻي قانون موجب سڀ کان سينئر ترين جج چيف جسٽس ٿيندو  هو پر  نئين قانون تحت پارلياماني ڪيٽي کي ٽن سينئر ججن مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻ  جو آپشن ڏنو ويو  ۽ ان تحت پارلياماني ڪميٽيءَ  سينارٽي جي لسٽ تي ٽئين نمبر تي موجود  سينئر جج جسٽس يحييٰ آفريدي کي چيف جسٽس طور مقرر ڪيو .

هاڻي ڏسڻو اهو هيو ته واقعي به 26 هين آئيني ترميم کانپوءِ  عدالتي نظام ۾ تبديلي اچي ٿي يا نه ۽ واقعي به عدالتن جو ڌيان سياسي ڪيسن کان هٽي ڪري عام ڪيسن ڏانهن وڃي ٿو يا نه، ڪيسن جو تڪڙو  اڪلاءُ  ٿئي ٿو يا نه. ان ڏس ۾ چيف جسٽس يحييٰ آفريدي جي سربراهي ۾ التوا ۾ پيل هزارين ڪيسن جو جائزو ورتو ويو آهي جن ۾ دهشت گردي ۽ مالياتي ڪيسن جي نشاندهي ٿي آهي ۽ هاڻي انهن جي اڪلاءَ لاءِ  ڪاميٽي به قائم ڪئي وئي آهي ته ڇا اهو سمجهڻ گهرجي ته 26هين ترميم ۽ عدالتي سڌارن کانپوءِ  ملڪي  عدالتي نظام درست رخ ۾ ڪم ڪندو؟

چيف جسٽس يحييٰ آفريدي جي صدارت ۾ التوا ڪيسن جي حوالي سان جيڪو اجلاس ٿيو  تنهن ۾ اهو انڪشاف به ڏاڍو ڇرڪائيندڙ  آهي ته ملڪ اندر  دهشت گردي جي ڪيسن ۾ سڀ کان گهڻا التوا ۾ پيل ڪيسن سنڌ جا آهن. جڏهن ته ڏسجي ته بظاهر  اسان جي حڪومت کي دهشت گردي جي ڳڻتي  هوندي آهي پر دهشت گردي جي ڪسين کي اڪلائڻ ۾ وري اسان جي عدالت جي رڪارڊ سستي نظر آئي آهي. جيڪڏهن دهشت گردي جا ڪيس تڪڙا نه اڪلائبا ۽ دهشت گردن کي تڪڙيون  سزائون نه ملنديون ته کين  سبق ڪيئن ملندو ۽ اهي اڳتي سزائن کان ڪيئن ڊڄندا ٻيو ته دهشت گردي کان متاثر ماڻهن کي ڪيئن  انصاف ملندو. تنهن ڪري ئي ته پنهنجو عدالتي نظام بدنام  رهيو آهي ته ان مان  اميد ٻٻرن کان ٻير گهرڻ آهي. دهشت گردي جا ڪيس گهٽ اڪلائڻ جي معنيٰ اها ئي آهي ته رياست، حڪومت ۽ عدالتي نظام جي دهشت گردي جي خاتمي لاءِ ڪا خاص سنجيدگي ۽ دلچسپي ناهي. ان غير سنجيدگي جو ئي اهو ڪارڻ آهي جو ملڪ مان نه دهشت گردي جو انت ٿو اچي نه ئي لاقانونيت جو راڄ ٿو ختم ٿئي. هتي اسان پوليس ۽ عدالتون صرف شرف ۽ بي گناهه  ماڻهن کي ڦاسائڻ ۽ پريشان ڪرن ۾ ڀڙ آهن باقي دهشت گردن، ڌاڙيلن، ڏوهارين، قاتلن، بدمعاشن ۽ چورن لاءِ نرم رويو رکندي آهي. انهيءَ  جو عملي مثال دهشت گردي جي ڪيسن جو اڪلاءُ نه ٿيڻ وارو انڪشاف آهي.

اسان سمجهون ٿا ۽ اها حقيقت عالم آشڪار آهي ته ملڪي عدالتي نظام مٿين کان هيٺ سطح تائين ڪنهن ريت به تسلي  بخش ناهي. ان عدالتي نظام کي وڏي پئماني تي سڌارڻ  جي ضرورت آهي ۽ ان لاءِ  سرجري جي ضرورت پوي ته اها به ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ملڪ اندر انصاف جي سڀ کان وڏي علامت عدالت آهي ۽ اسان جي عدالتي تاريخ انصاف کان وڌيڪ نا انصافين تي ٻڌل رهي آهي. هاڻي موقعو آهي ته عدالتن جي ان بدترين  تعارف کي تبديل ڪيو وڃي ۽ انصاف پٽاندڙ عدالتي نظام قائم ڪيو وڃي. اسان پهريون به چيف جسٽس يحييٰ آفريدي  جي مقرري تي  ايڊيٽوريل ۾ لکيو  هو ته کيس ملڪي عدالت ۽ پنهنجي تاريخ ٺاهڻ  جو سو نهري موقعو مليو آهي ڏسون ته اهو ان مان فائدو وٺندي  پنهنجي تاريخ ٺاهي ٿو  يا نه. سو جيڪڏهن  چيف جسٽس يحييٰ آفريدي جي دور ۾ التوا ۾ پيل ڪيسن جو خاص ڪري دهشت گردي وارن ڪيسن جو تيزي سان اڪلاءُ ٿئي ٿو ته  ان سان عدالت جي ڪارڪردگي تمام بهترين ٿي ويندي  ۽ سڀني کي عدالتي نظام ۾ آيل تحرڪ نظر ايندو ته يقينن يحييٰ آفريدي کي ملڪ جي بهترين چيف جسٽس مان هڪ سمجهيو  ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.