ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشورو شھر جي ڳوٺ عبدالله چاوڙو ۾ رٽائرڊ استاد علي اڪبر جنجهھ جي گھر تي آڌي رات جو ويگو گڏين ۾ سوار قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن ڀتيون ٽپي گھر اندر داخل ٿي گھر ڀاتين کي ننڊ مان اٿاري انھن تي تشدد ڪرڻ بعد سندس نوجوان اياز جنجھه کي مارڪٽ ڪندا پاڻ ساڻ گڏ کنڀي کڻي ويا، ان سلسلي ۾ رٽائرڊ استاد علي اڪبر جنجهھ ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پھچي صحافين اڳيان داھيندي احتجاج ڪندي چيو آھي تـ گذريل رات سرڪاري گاڏين ۾ سوار 15 کان 20 ٻٽون ٻڌل ماڻھن ڀتيون ٽپي گھر اندر داخل ٿي اسان گھر ڀاتين کي ننڊ مان اٿاري اسان تي تشدد ڪيو، ھن چيو تـ منھنجي کيسي مان اھي اھلڪار منھنجو بٽون پرس به کڻي ويا آھن جنھن ۾ ڪجھه روڪ رقم منھنجو منھنجي گھر واري جو شناختي ڪارڊ, بئنڪ جو اي ٽي ايم ڪارڊ ۽ موبائل فون سيٽ کڻي ويا آھن، ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو تـ منھنجي پٽ جو ڪنھن به قوم پرست يا ڪنھن سياسي پارٽي سان ڪو بـ واسطو ناھي ھو سينڊوز روڊ تي جنرل اسٽور دڪان ھلائيندو ھو، ھن انساني حقن جي تنظيمن ۽ وس وارن کان سندس آزادي جو مطالبو ڪيو آھي.