ايس ايڇ او وليد سميت چئن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

لاڙڪاڻو (رپورٽ: جي ايم کوکر)لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ ڪجھه ڏينھن اڳ چوري ڪيس ۾ گرفتار نوجوان ساحل سولنگي جو لاش هٿ اچڻ واري واقعي جو عدالت سڳوري ايس ايڇ او سميت چئن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نوجوان جي والد سعيد احمد سولنگي پنهنجي وڪيلن فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج راشد دايو جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ھئي، جنهن درخواست جي ٻڌڻي لاڳاپيل عدالت ۾ ٿي، جتي عدالت ايس ايڇ او وليد عبدالرزاق ٽڳڙ، اهلڪار حبدار چانڊيو، علي حسن ڪهيري ان جي پٽن شاهه جهان ڪهيري، رابيل ڪهيري ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، درخواست ۾ نوجوان جي والد موقف اختيار ڪيو هو ته سندس پٽ کي بيگناهه گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻائي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري ايس ايڇ او وليد عبدالرزاق ٽڳڙ، اهلڪار حبدار چانڊيو، علي حسن ڪهيري ان جي پٽن شاهه جهان ۽ رابيل ڪهيري مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.