اسلام آباد(م ڊ) چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهيءَ ۾ جڊيشل ڪميشن جو ٻيو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بئنچ جوڙڻ تي غور ڪيو ويندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته جڊيشل ڪميشن جو هي اهم اجلاس چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ 2 وڳي سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندو، جنهن ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل شرڪت ڪندا، جڊيشل ڪميشن جي ٻين ميمبرن ۾ وفاقي قانون وارو وزير نذير تارڙ، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، پاڪستان بار ڪائونسل جو نمائندو اختر حسين، عمر ايوب، شبلي فراز، سينيئر وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ، شيخ آفتاب احمد ۽ روشن خورشيد بروچا شامل هوندا، جسٽس امين الدين خان کي آئيني بينچ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو جيڪو آئيني بينچ جي سربراهه طور شرڪت ڪندو.