موري ۾ پوليس چڙهائي، فائرنگ، ايس ايڇ او ۽ اهلڪار زخمي

مورو (رپورٽ: جاني مورائي)موري ٿاڻي جي حد چوٿون ميل وٽ ٻگھيا ۽ ماڇي برادري جي گڏيل هٿياربندن پاران ڳوٺ حافظ رمضان ٻگھيو واسڻ ناري آمنا کي اغوا ڪيو ويو، مغوي ناري جي مڙس حق نواز ٻگھيو جي فرياد ملوث هٿياربند اغواڪارن مٿان ڪيس داخل ڪيو، ايس ايڇ او مورو جي سربراهي ۾ پوليس ڳوٺ ٽپال ماڇي تي مغوي ناري جي بازيابي لاءِ  چڙهائي ڪئي ته هٿياربند ڳوٺاڻن پوليس مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ايس ايچ او مورو اسد نبي کڇي،ايس ايڇ او فريد ديرو سميت ڪيترائي پوليس اھلڪار زخمي ٿي پيا، ڳوٺاڻن پاران قومي شاھراھ بند ڪري احتجاج ڪيو ويو،ٻئي طرف ايس ايڇ او مورو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ منجھند اطلاع تي اڇي ڪرولا ڪار BKH-326  مٿان ڪاروائي ڪئي وئي، جنھن ۾ ھڪ عورت کي مبينا طور تي اغوا ڪيو ويو، مغوي عورت جي مڙس حق نواز ٻگھيو جي فرياد تي مورو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنھن بعد جوابدارن کي گرفتاري لاءِ مورو ڀرسان ڳوٺ ٽپال پھتاسين جتي جوابدار ڌر جي روپوش ڏوهاري هٿياربندن  پاران پوليس کي ڏسندي ئي حملو ڪري ڏنو، جنھن ۾ مان ۽ ايس ايڇ او فريد ديرو سميت  ڪيترائي پوليس اھلڪار زخمي ٿي پيا، جن کي مورو سول اسپتال اندر طبي امداد ڏنو ويو،ٻئي طرف ڳوٺ مٿان پوليس جو ڪڙو چاڙهي ڇڏيو..

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.