سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن جي ججن جي مراعتن ۾ لکين رپيا واڌ

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان حڪومت سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي هائوس رينٽ ۽ جوڊيشل الائونس ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان جي وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جي منظوري سان جاري ڪيل صدارتي ترميمي آرڊر موجب سپريم ڪورٽ جي ججن جو هائوس رينٽ 68 هزار مان وڌائي 3 لک 50 هزار رپيا ڪيو ويو آهي. جڏهن ته جوڊيشل الائونس 4 لک 28 هزار 40 رپين مان وڌائي 11 لک 61 هزار 163 رپيا ڪيو ويو آهي . وقتي صدر جي منظوري کانپوءِ قانون ۽ انصاف واري وزارت پاران نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو.  هن وقت سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 17 آهي. جڏهن ته تازو ئي پارليامينٽ طرفان پاس ڪيل قانون موجب سپريم ڪورٽ جي ججن جو ڪل انگ 34 ٿي ويو آهي.  جڏهن ته ٻين 17 سيٽن تي ججن جي مقرري اڃا ٿيڻي آهي. اهڙي طرح هاءِ ڪورٽ جي ججن جو هائوس رينٽ به 65 هزار مان وڌائي 3 لک 50 هزار رپيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عدالتي الائونس 3 لک 42 هزار مان وڌائي هڪ لک 90 هزار ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.